ڪراچي-15 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته سڄي صوبي ۾ ٽريفڪ حادثا هڪ سنگين مسئلو بڻجي چڪا آهن، جن ۾ هينئر تائين 250 کان وڌيڪ قيمتي انساني حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن، ڪراچي هڪ ڳُتيل آبادي وارو شهر آهي جتي آبادي ۾ مسلسل واڌ ۽ ٽريفڪ جي دٻاءُ سبب مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، صوبي ۾ ٽريفڪ جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن جي سخت ضرورت آهي ۽ ان عمل …
ڪراچي هڪ ڳُتيل آبادي وارو شهر آهي، جتي آبادي ۾ مسلسل واڌ ۽ ٽريفڪ جي دٻاءَ سبب مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن: گهرو زوير ضياءُ الحسن لنجار

مزید خبریں
ڪراچي-15 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته سڄي صوبي ۾ ٽريفڪ حادثا هڪ سنگين مسئلو بڻجي چڪا آهن، جن ۾ هينئر تائين 250 کان وڌيڪ قيمتي انساني حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن، ڪراچي هڪ ڳُتيل آبادي وارو شهر آهي جتي آبادي ۾ مسلسل واڌ ۽ ٽريفڪ جي دٻاءُ سبب مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، صوبي ۾ ٽريفڪ جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن جي سخت ضرورت آهي ۽ ان عمل ۾ سڀني لاڳاپيل ادارن سميت شهرين کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سنڌ اسيمبلي ۾ اسيمبلي ميمبر معاذ محبوب طرفان پيش ڪيل ڌيان ڇڪائڻ واري نوٽيس تي ڳالهائيندي، ضياءُ الحسن لنجار واضح ڪيو ته اهم ۽ حساس مسئلي تي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ جي بجاءِ عملي قدمن جي ضرورت آهي. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڪجهه سياسي پارٽين جا فرد ان معاملي کي سياست جي نذر ڪري رهيا آهن، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ نا مناسب رويو آهي. گھرو وزير وڌيڪ ٻڌايو ته ٽريفڪ مسئلن جي حل لاءِ هڪ خاص ڪميٽي قائم ڪري وئي آهي، جنهن جو اجلاس اربع ڏينهن منعقد ٿيندو، جنهن ۾ ٽريفڪ حادثن، قانونن تي عملدرآمد، اوور اسپيڊنگ ۽ هيوي ٽريفڪ سان لاڳاپيل سمورن معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون وينديون. هن اسيمبلي کي آگاهه ڪيو ته اوور اسپيڊنگ ڪندڙ ٽرڪن ۽ ٽينڪرن تي هڪ لک روپين تائين ڏنڊ لاڳو ڪيو پيو وڃي ته جيئن ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙين جي حوصله شڪني ڪري سگهجي. سنڌ جي گھرو وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت کي شهرين جي جان ۽ مال جو مڪمل احساس آهي ۽ ٽريفڪ جي مسئلن جي حل لاءِ هر پهلو کي مؤثر انداز ۾ ايڊريس ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ان حوالي سان هر لاڳاپيل ڌر کي پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻي پوندي ته جيئن قيمتي انساني حياتين جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي.











