لاڙڪاڻو-15 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير جي خاص مددگار خير محمد شيخ چيو آهي ته صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي خاص هدايتن ۽ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خواهشن تحت لاڙڪاڻي شهر ۾ وفاقي (محتسب) اداري جي ريجنل آفيس قائم ڪئي وئي آهي، جنهن سان عوام کي سستو ۽ وقت سر انصاف ملي سگھندو ۽ ماڻهن جا ادارن ۾ رُڪيل مسئلا هڪدم حل ٿي سگھندا. …
لاڙڪاڻو ۾ وفاقي (محتسب) اداري جي ريجنل آفيس قائم ڪئي وئي

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-15 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير جي خاص مددگار خير محمد شيخ چيو آهي ته صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي خاص هدايتن ۽ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خواهشن تحت لاڙڪاڻي شهر ۾ وفاقي (محتسب) اداري جي ريجنل آفيس قائم ڪئي وئي آهي، جنهن سان عوام کي سستو ۽ وقت سر انصاف ملي سگھندو ۽ ماڻهن جا ادارن ۾ رُڪيل مسئلا هڪدم حل ٿي سگھندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاڙڪاڻي شهر جي سچل ڪالوني ۾ وفاقي (محتسب) جي ريجنل سيڪريٽريٽ آفيس جي معائني دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته هي ادارو وفاقي محتسب اعليٰ محمود علي شاهه جي هدايتن تي بهتر ڪم ڪري رهيو آهي جنهن سان عوام کي سستو ۽ فوري انصاف ملي سگھندو ۽ مختلف ادارن جن ۾ صحت، واپڊا، ريلوي، سئي گيس ۽ ٻين وفاقي ادارن خلاف شڪايتون آهن اهي حل ٿي سگھنديون. هن وڌيڪ چيو ته هن اداري جي قائم ٿيڻ سان ماڻهن کي انصاف پڻ ملندو ۽ سندن شڪايتن جو ازالو پڻ ٿيندو. هن چيو ته هي ادارو جنهن علائقي ۾ قائم ٿيو آهي اتي درخواست گذارن کي وڌ کان وڌ سهولتون ملنديون ۽ ان سان گڏوگڏ هن اداري جي قائم ٿيڻ لاءِ صوبائي اسيمبلي ميمبر فريال ٽالپر ۽ اعجاز احمد قريشي جون ڪوششون پڻ شامل آهن. ان موقعي تي چيمبر آف ڪامرس جي نمائندي هريش لعل ڳالهائيندي چيو ته اڄ اسان جي شهر لاڙڪاڻي ۾ وفاقي محتسب اداري جي ريجنل آفيس قائم ٿي آهي، جنهن تي اسان تمام خوش آهيون، ڇاڪاڻ ته عام ماڻهو کي پيش ايندڙ مسئلن جو حل پڻ ٿيندو ۽ کين انصاف پڻ ملندو. هن چيو ته مان اوهان کي پيغام ڏيان ٿو ته اوهان هن اداري مان فائدو حاصل ڪريو ۽ ان سان گڏوگڏ جيڪي به شڪايتون آهن اهي داخل ڪريو ته جيئن اوهان انصاف وٺي سگھو. ان موقعي تي ريجنل ڊائريڪٽر وفاقي محتسب سيد محمود شاهه ڳالهائيندي چيو ته عوام اسان وٽ آن لائين درخواستون پڻ داخل ڪري سگھي ٿو، جنهن تي ٻڌڻي ڪئي ويندي ۽ سندن مسئلا حل ڪيا ويندا ۽ ان جي ڪا به فيس نه ورتي ويندي ۽ نه ئي ان بابت ڪو وڪيل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان کان اڳ اعجاز احمد قريشي بريفنگ ڏيندي چيو ته هن وقت تائين هن اداري ۾ اٽڪل 15 درخواستون وصول ٿي سگھيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان اهو پڻ ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته وفاقي محتسب جي ريجنل هيڊ آفيس قائم ٿيڻ سان عوام جون شڪايتون حل ٿينديون ۽ کين ٻين شهرن ڏانهن وڃڻو نه پوندو. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير جي خاص مددگار خير محمد شيخ، چيمبر آف ڪامرس لاڙڪاڻو ۽ اداري جي آفيسرن سان گڏجي آفيس جو معائنو ڪيو ۽ مختلف برانچن جو دورو پڻ ڪيو. ان موقعي تي اداري سان لاڳاپيل مختلف آفيسر جن ۾ اعجاز احمد رٽائرڊ ڊائريڪٽر، ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڻ ايڊوائيزر وفاقي محتسب، منظور احمد سومرو، فدا حسين سولنگي، ايس پي ليگ برانچ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.











