خرطوم-15 ڊسمبر(اي پي پي) سوڊان جي ڏکڻ پاسي موجود شهر جي هڪ فوجي اسپتال جي ذريعن اطلاع ڏنو آهي ته جنهن شهر جو ريپڊ سپورٽ فورسز گهيرو ڪيو هو اتي ڊرون حملي جي نتيجي ۾ 7 شهري اجل جو شڪار ۽ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب زخمين ۾ اسپتال جا مريض يا انهن سان گڏ موجود ماڻهو شامل آهن. اها اسپتال شهرين ۽ فوجين ٻنهي کي خدمتون فراهم …
سوڊان جي اسپتال تي ڊرون حملو، 7 ڄڻا اجل جو شڪار

مزید خبریں
خرطوم-15 ڊسمبر(اي پي پي) سوڊان جي ڏکڻ پاسي موجود شهر جي هڪ فوجي اسپتال جي ذريعن اطلاع ڏنو آهي ته جنهن شهر جو ريپڊ سپورٽ فورسز گهيرو ڪيو هو اتي ڊرون حملي جي نتيجي ۾ 7 شهري اجل جو شڪار ۽ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب زخمين ۾ اسپتال جا مريض يا انهن سان گڏ موجود ماڻهو شامل آهن. اها اسپتال شهرين ۽ فوجين ٻنهي کي خدمتون فراهم ڪري ٿي. اهو حملو گڏيل قومن جي امن مشن جي هڪ بيس تي هڪ ڏينهن اڳ ٿيل ان ڊرون حملي کان پوءِ ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 6 امن اهلڪار مارجي ويا هئا. فوج ان حملي جي ذميواري سپورٽ فورسز تي وڌي هئي جنهن ان ۾ ملوث هجڻ جي ترديد ڪئي آهي.






