سانتياگو-15 ڊسمبر(اي پي پي) چلي جي صدارتي چونڊن ۾ ساڄي ڌر جو اميدوار جوز انتونيو ڪاسٽ ڪامياب ٿي ويو آهي. صدارتي چونڊ ۾ کيس 58 سيڪڙو ووٽ مليا. پرڏيهي ميڊيا سرڪاري نتيجن جي حوالي سان ٻڌايو ته گذريل ڏينهن اٽڪل 80 سيڪڙو ووٽن جي ڳڻپ کان پوءِ جوز انتونيو ڪاسٽ کي 58 سيڪڙو ووٽ مليا.جڏهن ته کاٻي ڌر جي اتحاد جي اميدوار جينيٽ جارا کي شڪست ملي. مخالف اميدوار جينيٽ …
چلي جي صدارتي چونڊن ۾ ساڄي ڌر جو اميدوار جوز انتونيو ڪاسٽ ڪامياب

مزید خبریں
سانتياگو-15 ڊسمبر(اي پي پي) چلي جي صدارتي چونڊن ۾ ساڄي ڌر جو اميدوار جوز انتونيو ڪاسٽ ڪامياب ٿي ويو آهي. صدارتي چونڊ ۾ کيس 58 سيڪڙو ووٽ مليا. پرڏيهي ميڊيا سرڪاري نتيجن جي حوالي سان ٻڌايو ته گذريل ڏينهن اٽڪل 80 سيڪڙو ووٽن جي ڳڻپ کان پوءِ جوز انتونيو ڪاسٽ کي 58 سيڪڙو ووٽ مليا.جڏهن ته کاٻي ڌر جي اتحاد جي اميدوار جينيٽ جارا کي شڪست ملي. مخالف اميدوار جينيٽ جارا نتيجا سامهون اچڻ جي فوري بعد سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي ٻڌايو ته هن جوز انتونيو ڪاسٽ کي فون ڪري پنهنجي شڪست تسليم ڪري ورتي آهي. هن چيو ته ووٽرز واضح طور تي پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي.






