افغان پناهگير آمريڪا سميت سڄي دنيا جي قومي سلامتي لاءِ غير معمولي ۽ تيزي سان وڌندڙ خطرو بڻجي ويا: آمريڪي نيشنل انٽيليجنس جو ڊائريڪٽر

اسلام آباد-14 ڊسمبر (اي پي پي) افغان پناهگير آمريڪا سميت سڄي دنيا جي قومي سلامتي لاءِ غير معمولي ۽ تيزي سان وڌندڙ خطرو بڻجي ويا. تفصيل مطابق افغان طالبان رجيم جي اقتدار هيٺ افغانستان عالمي دهشتگردي جو مرڪز بڻجي چڪو آهي. سڄي دنيا ۾ افغان رهواسي غير قانوني سرگرمين، اسمگلنگ ۽ دهشتگرداڻين ڪارروائين ۾ ملوث آهن. آمريڪي نيشنل انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر تلسي گبارڊ آمريڪا ۾ موجود افغان شهرين جي دهشتگرد …

اسلام آباد-14 ڊسمبر (اي پي پي) افغان پناهگير آمريڪا سميت سڄي دنيا جي قومي سلامتي لاءِ غير معمولي ۽ تيزي سان وڌندڙ خطرو بڻجي ويا. تفصيل مطابق افغان طالبان رجيم جي اقتدار هيٺ افغانستان عالمي دهشتگردي جو مرڪز بڻجي چڪو آهي. سڄي دنيا ۾ افغان رهواسي غير قانوني سرگرمين، اسمگلنگ ۽ دهشتگرداڻين ڪارروائين ۾ ملوث آهن. آمريڪي نيشنل انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر تلسي گبارڊ آمريڪا ۾ موجود افغان شهرين جي دهشتگرد تنظيمن سان لاڳاپن جو ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو. آمريڪي نيشنل انٽيلي جنس جي ڊائريڪٽر تلسي گبارڊ جو چوڻ هو ته گهٽ ۾ گهٽ 2000 افغان شهري دهشتگرد تنظيمن سان تعلق رکن ٿا. اسان ڄاڻون ٿا ته مختلف دهشتگرد گروه هاڻي به اسان جي ملڪ خلاف حملن جي منصوبه بندي ڪري رهيا آهن. تلسي گبارڊ چيو ته ڊائريڪٽر نيشنل ڪانٽرٽير رازم سينٽر، بائيڊن انتظاميه ۾ آمريڪا هجرت ڪندڙ افغانين جي باري ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن. ڊائريڪٽر نيشنل ڪانٽرٽيررازم سينٽر جو چوڻ آهي ته نيشنل ڪانٽرٽيررازم سينٽر، ملڪ ۾ داخل ٿيل لڳ ڀڳ 18000 افغان شهرين جي نشاندهي ڪئي آهي جيڪي شڪي دهشتگرد آهن، اهي ئي ماڻهو هئا جيڪي دهشتگرد گروهن سان تعلق رکندا هئا ۽ آمريڪا ۾ داخل ٿيا. پرڏيهي ميڊيا مطابق نيشنل ڪانٽرٽيررازم سينٽر جي ڊائريڪٽر، افغان پناهگيرن کي آمريڪا لاءِ سڀ کان وڏو خطرو قرار ڏنو. مختلف ملڪن، پنهنجي سرزمين تي دهشتگردي جي خطرن کي نظر ۾ رکندي افغان رهواسين تي پابنديون لڳايون آهن. افغانستان ۾ دهشتگردن جون محفوظ پناهگاهون ۽ تربيتي مرڪز سڄي دنيا جي امن لاءِ سنگين چئلنج بڻجي چڪا آهن.

مزید خبریں