ايس ايس پي حيدرآباد پاران سمورن ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز کي حفاظتي ڪئميرائون لڳرائڻ جو هدايتون جاري

حيدرآباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) ايس ايس پي حيدرآباد عديل حسين چانڊيو حيدرآباد جي سمورن ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز کي هدايتون جاري ڪيو آهن ته ڊسٽرڪٽ انتظاميه طرفان ڊڪليئر ڪيل سمورن هنڌن تي فوري طور تي حفاظتي ڪيمرائون لڳائڻ کي يقيني بنايو وڃي، ان سان گڏ اهم ڪاروباري ۽ نجي هنڌن کي به ڊڪليئر ڪرائي ڪيمرا سسٽم فعال ڪيو وڃي. هن سي آءِ اي انچارج کي چيو …

حيدرآباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) ايس ايس پي حيدرآباد عديل حسين چانڊيو حيدرآباد جي سمورن ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز کي هدايتون جاري ڪيو آهن ته ڊسٽرڪٽ انتظاميه طرفان ڊڪليئر ڪيل سمورن هنڌن تي فوري طور تي حفاظتي ڪيمرائون لڳائڻ کي يقيني بنايو وڃي، ان سان گڏ اهم ڪاروباري ۽ نجي هنڌن کي به ڊڪليئر ڪرائي ڪيمرا سسٽم فعال ڪيو وڃي. هن سي آءِ اي انچارج کي چيو ته هو ان سموري عمل جي نگراني ڪري ان جي عملدرآمد کي يقيني بنائي. اهڙيون هدايتون هن لاڳاپيل آفيسرن سان ڪيل هڪ گڏجاڻي ۾ جاري ڪيون. هن چيو ته سمورن ٿاڻن ۾ لڳل ڪيمرائن کي بيڪ اپ سان گڏ مڪمل فعال ڪيو وڃي. هن چيو ته سومر کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم جي ٽيمن کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. ان موقعي تي سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي مارڪيٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او منير عباسي ۽ ايس ايڇ او هٽڙي کي تعريفي سرٽيفڪيٽ به ڏنا ويا.