ڪراچي-12 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته زرعي ترقي تحقيق کانسواءِ ممڪن ناهي، ٻج کان مٽيءَ ۽ پاڻي جي انتظام تائين هر مرحلي تي سائنس جي رهنمائي لازمي آهي، صوبي ۾ فصلن جي طريقيڪار کي آهستي آهستي اهڙي ريت تبديل ڪيو وڃي جو اهي موسمي حالتن، پاڻي جي دستيابي ۽ مارڪيٽ جي گهرج سان هڪجهڙائي رکن، روايتي طريقي سان پوکيل فصل …
زرعي ترقي تحقيق کانسواءِ ممڪن ناهي، ٻج کان مٽيءَ ۽ پاڻي جي انتظام تائين هر مرحلي تي سائنس جي رهنمائي لازمي آهي: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

مزید خبریں
ڪراچي-12 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته زرعي ترقي تحقيق کانسواءِ ممڪن ناهي، ٻج کان مٽيءَ ۽ پاڻي جي انتظام تائين هر مرحلي تي سائنس جي رهنمائي لازمي آهي، صوبي ۾ فصلن جي طريقيڪار کي آهستي آهستي اهڙي ريت تبديل ڪيو وڃي جو اهي موسمي حالتن، پاڻي جي دستيابي ۽ مارڪيٽ جي گهرج سان هڪجهڙائي رکن، روايتي طريقي سان پوکيل فصل پاڻي جي کوٽ، مٽيءَ جي خرابي ۽ بدلجندڙ موسمي حالتن سبب هاڻي تيزي سان غير پائيدار ٿيندا پيا وڃن. اھڙو اظهار هن سي ايم هائوس ۾ زراعت کاتي جي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ جاري منصوبن ۽ سنڌ جي زرعي شعبي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ايندڙ حڪمت عملي جو جائزو ورتو ويو. وڏي وزير زراعت کي سنڌ جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي قرار ڏيندي زور ڀريو ته هن شعبي کي جديد، تحقيق تي ٻڌل ۽ مالي شموليت جي اصولن مطابق ترقي ڏيڻ ضروري آهي. هن چيو ته اسان جا هاري ڳوٺاڻي معيشت جو بنياد آهن. اسان کي گهرجي ته انهن کي وقت سر قرضن، جديد ٽيڪنالاجي ۽ سائنسي رهنمائي ذريعي سهارو ڏيون ته جيئن هو پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهن ۽ وڌيڪ قدر واري فصلن ڏانهن منتقل ٿي سگهن. وڏي وزير هدايت ڪئي ته حڪومت، تحقيقي ادارن ۽ يونيورسٽين وچ ۾ تعاون وڌايو وڃي ته جيئن نون ٻجن جا قسم تيار ڪري متعارف ڪرايا وڃن، مٽي جي صحت بهتر بڻائي سگهجي ۽ سمارٽ ايگريڪلچر کي هٿي ملي سگهي. هن ڊِرِپ ايرگيشن، پاڻي جي موثر استعمال، مشينري ذريعي زراعت ۽ ڊجيٽل نگراني جهڙن جديد طريقن جي اهميت تي پڻ زور ڀريو. اجلاس ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي ته موجوده حالتن ۾ روايتي فصلن جا طريقا هاڻي قابل عمل ناهن تنهن ڪري انهن ۾ تبديلي آڻڻ ضروري آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ کي اهڙا زرعي طريقا اختيار ڪرڻا پوندا جيڪي پاڻي بچائين، وڌيڪ پيداوار ڏين ۽ منافعي بخش هجن۔ اسان کي پراڻن طريقن کان نڪري موسمياتي طور لچڪدار ۽ مارڪيٽ سان هم آهنگ فصلن ڏانهن وڃڻو پوندو. سنڌ بينڪ جي ٽيم هارين خاص طور مالي مسئلن ۾ ڦاٿل ننڍن زميندارن کي مناسب شرح تي قرض ڏيڻ بابت قدمن کان آگاهه ڪيو. وڏي وزير هدايت ڪئي ته قرض ڏيڻ جو طريقيڪار آسان ڪيو وڃي ۽ انهن علائقن تائين رسائي وڌائي وڃي جتي هارين کي سهولت گهٽ آهي۔ هن چيو ته مالي شموليت ننڍن هارين کي بااختيار بڻائڻ جي ڪنجي آهي. هر اهل هاري کي ٻج، ڀاڻ ۽ ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري لاءِ بروقت ۽ منصفاڻي سهولت ملڻ گهرجي. اجلاس ۾ سبسڊي ۽ امداد جي ورڇ تي به غور ڪيو ويو. وڏي وزير هدايت ڪئي ته وسيلن جي فراھمي ۾ شفافيت، درستگي ۽ بروقت مدد کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته هارين لاءِ رکيل هر پئسو سڌو سنئون انهن تائين پهچڻ گھرجي. اجلاس جي آخر ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته حڪومت هارين جي بهتري ۽ هڪ مضبوط زرعي معيشت جي قيام لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته اسان جو مقصد واضح آهي، هڪ خوشحال، جديد زرعي شعبي جو قيام جيڪو هارين کي سهارو ڏئي، غذائي تحفظ کي يقيني بڻائي ۽ ڳوٺاڻي ترقي کي اڳتي وڌائي، اسان گڏجي سنڌ جي زراعت کي مستقبل جي ضرورتن سان هم آهنگ بڻائي سگهون ٿا. اجلاس ۾ زراعت واري صوبائي وزير محمد بخش خان مهر، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، زراعت واري سيڪريٽري زمان ناريجو، سنڌ بئنڪ جي صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ ڊپٽي چيف ايگزيڪيوٽو اسد شاهه شرڪت ڪئي.











