سوڊان ۾ ريپڊ سپورٽ فورسز جا ظلم جاري، يمن جي علائقي حضر موت ۾ ڇڪتاڻ خطرناڪ آهي: گڏيل قومن جو  سيڪريٽري جنرل

گڏيل قومون _12 ڊسمبر (اي پي پي )گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش ريپڊ سپورٽ فورسز (آر ايس ايف ) تي سوڊان ۾ ظلم ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي .پرڏيهي ميڊيا مطابق هن انٽرويو دوران چيو ته اسان سمورين سوڊان جي ڌرين سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون ۽ ان سلسلي ۾ اسان ٻنهي ڌرين سان گڏجي جنيوا ۾ ملاقاتون ڪنداسين . پر هن ان امڪاني ملاقات جي ڪا تاريخ نه …

گڏيل قومون _12 ڊسمبر (اي پي پي )گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش ريپڊ سپورٽ فورسز (آر ايس ايف ) تي سوڊان ۾ ظلم ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي .پرڏيهي ميڊيا مطابق هن انٽرويو دوران چيو ته اسان سمورين سوڊان جي ڌرين سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون ۽ ان سلسلي ۾ اسان ٻنهي ڌرين سان گڏجي جنيوا ۾ ملاقاتون ڪنداسين . پر هن ان امڪاني ملاقات جي ڪا تاريخ نه ٻڌائي ، اهي ڪوششون انهن عرب ملڪن ۾ 2 سالن کان جاري جنگ جي خاتمي لاءِ ڪيون پيون وڃن . هن سوڊان جي عوام جي تڪليف کي غير معمولي قرار ڏنو . گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل الفاشر ۾ پنهنجي مشنز تي بمباري جي ذميوارن  جو احتساب ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو ۽ ريپڊ سپورٽ فورسز تي ظلم ڪرڻ جو الزام لاڳو ڪيو آهي . هن چيو ته سوڊان ۾ جنگ خوفناڪ آهي ۽ ان کي روڪڻ گهرجي . انتونيو گوتريش چيو ته دنيا جون نظرون سوڊان جي جنگ تي آهن ۽ ان تڪرار تي آڪٽوبر ۾ عالمي سطح تي مذمت ڪئي پئي وڃي جڏهن ته ريپڊ سپورٽ فورسز 18 مهينن جي شديد گهيراءَ بعد اتر دارفور جي گادي وارتي شهر الفاشر ، جيڪو اولهه سوڊان ۾ فوج جو آخري ڳڙهه هو . ان تي قبضو ڪرڻ بعد وڏي پيماني تي ظلم ڪيو هو . هن چيو ته گڏيل قومن کي  متاثر شهر تائين رسائي جي اجازت ڏيڻ جو وعدو مليو آهي . انتونيو گوتريش چيو ته يمن جي علائقي حضر موت ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي هڪ خطرناڪ ڇڪتاڻ آهي.  هن وڌيڪ چيو ته هن سعودي ولي عهد  شهزاده محمد بن سلمان سان گڏيل قومن ۾ سڌارن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي . هن گڏيل قومن سان سعودي عرب جي ويجهي سهڪار کي ساراهيو.

مزید خبریں