يمن جي ڏکڻ وارن صوبن ۾ ڇڪتاڻ سبب آءِ ايم ايف پنهنجون سرگرميون معطل ڪري ڇڏيون

صنعا-12 ڊسمبر (اي پي پي)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) يمن جي ڏکڻ وارن صوبن ۾ سيڪيورٽي جي تازي صورتحال کي نظر ۾ رکندي آرٽيڪل فور تي مشاورت سان ڳالهين لاءِ مخصوص پنهنجي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي اجلاس کي اڻڄاڻايل مدي لاءِ ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو فيصلو عالمي برادري جي حمايت يافته اقتصادي سڌارن لاءِ هڪ وڏو فيصلو آهي. ميڊيا پليٽ فارم يمن فيچر …

صنعا-12 ڊسمبر (اي پي پي)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) يمن جي ڏکڻ وارن صوبن ۾ سيڪيورٽي جي تازي صورتحال کي نظر ۾ رکندي آرٽيڪل فور تي مشاورت سان ڳالهين لاءِ مخصوص پنهنجي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي اجلاس کي اڻڄاڻايل مدي لاءِ ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو فيصلو عالمي برادري جي حمايت يافته اقتصادي سڌارن لاءِ هڪ وڏو فيصلو آهي. ميڊيا پليٽ فارم يمن فيچر آمريڪا ۾ اقتصادي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته اهو فيصلو فنڊ ملڪ اندر مختلف حلقن جي سفارشن تي ڪيو آهي جيڪو اوڀر وارن صوبن ۾ تازي سيڪيورٽي اڳڀرائي تي پهريون سخت عالمي ردعمل آهي. ان ردعمل سان حڪومت ۽ عالمي سطح تي تسليم ٿيل يمن جي مرڪزي بئنڪ جي قيادت هيٺ اقتصادي بحالي جي پروگرام کي ڇيهو رسندو. ذريعن ٻڌايو ته اهو فيصلو ايندڙ اطلاع تائين لاڳو رهندو.

مزید خبریں