ٽوڪيو-12 ڊسمبر(اي پي پي)جاپان جي اتر اوڀر واري علائقي ۾ 6.7 جي شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن کانپوءِ ملڪ جي اوڀر واري سامونڊي ڪناري جي ڪجهه حصن لاءِ سونامي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي.پرڏيهي ميڊيا جاپان جي ميٽرولاجيڪل ايجنسي جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته گذريل ڏينهن آيل زلزلي جو مرڪز زمين جي سطح کان رڳو 20 ڪوميٽرن جي اونهائي ۾ هو ۽ ان کانپوءِ ڪيترائي …
جاپان جي اتر اوڀر واري علائقي ۾ 6.7 جي شدت جو زلزلو، سونامي وارننگ جاري

مزید خبریں
ٽوڪيو-12 ڊسمبر(اي پي پي)جاپان جي اتر اوڀر واري علائقي ۾ 6.7 جي شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن کانپوءِ ملڪ جي اوڀر واري سامونڊي ڪناري جي ڪجهه حصن لاءِ سونامي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي.پرڏيهي ميڊيا جاپان جي ميٽرولاجيڪل ايجنسي جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته گذريل ڏينهن آيل زلزلي جو مرڪز زمين جي سطح کان رڳو 20 ڪوميٽرن جي اونهائي ۾ هو ۽ ان کانپوءِ ڪيترائي زلزلي جا ننڍا لوڏا آيا. ايجنسي جاپان جي اوڀر واري سامونڊي ڪناري جي ڪجهه حصن ۾ سونامي وارننگ جاري ڪئي آهي. واضح رهي ته اهو جاپان جي اتر اوڀر ۾ هڪ هفتي دوران ٻيو وڏو زلزلو آهي.






