ڪراچي کي مستقل بنيادن تي پاڻي فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي-11 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت شهري آبادي جي پاڻي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ۽ ڪراچي کي مستقل بنيادن تي پاڻي فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي۔ اھڙو اظهار هن ڪراچيءَ ۾ پاڻي جي سنگين بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ اهم ۽ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت دوران …

ڪراچي-11 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت شهري آبادي جي پاڻي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ۽ ڪراچي کي مستقل بنيادن تي پاڻي فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي۔ اھڙو اظهار هن ڪراچيءَ ۾ پاڻي جي سنگين بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ اهم ۽ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ ڪراچي شهر کي پائيدار، مؤثر ۽ ڊگهي مدي واري پاڻي فراهمي بابت مختلف منصوبن جي اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي۔وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪي فور گريٽر ڪراچي بَلڪ واٽر سپلائي پروجيڪٽ تحت شهر کي روزانو 260 ملين گيلن پاڻي فراهم ڪرڻ جو هدف مقرر آهي جيڪو ڪينجهر ڍنڍ کان ڪراچي تائين صاف پاڻي جي فراهميءَ جو سڀ کان وڏو منصوبو هوندو۔ اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪي فور منصوبو 2020 کان واپڊا جي ماتحت تيزيءَ سان جاري آهي ۽ شهر اندر ان جي توسيع تي به ڪم وڌايو ويو آهي۔ وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته ايڊوانس پريشرائزد پائپ لائين سسٽم ذريعي ڪراچي جي پاڻي کوٽ جو مستقل حل تيار ڪيو پيو وڃي۔ وڏي وزير هدايت ڪئي ته ڪي فور پروجيڪٽ جي مڪمل فعاليت لاءِ بجلي فراهمي سان لاڳاپيل مالي طريقيڪار فوري طور مڪمل ڪيو وڃي۔ اجلاس ۾ ڪي فور توسيع منصوبي تحت اهم ريزروائرز آر ون آر ٽو ۽ آر ٿري بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. برينفگ ۾ ٻڌايو ويو آر ون ريزروائر 65 ايم جي ڊي گنجائش سان ضلعا وچولي، اوڀر ۽ اولهه ضلعن کي فوري سهارو فراهم ڪندو ۽ راضي گوٺ سميت ڪيترن علائقن ۾ سپلاءِ کي مستحڪم ڪندو۔ آر ٽو ريزروائر 130 ايم جي ڊي گنجائش سان شهر جي وڏي حصي جي ضرورتن کي پورو ڪندو۔ آر ٿري ريزروائر 65 ايم جي ڊي سان اولهه ۽ مرڪزي ڪوريڊورز جي سپلاءِ کي مضبوط ڪندو ۽ حب پمپنگ اسٽيشن تائين فراهمي کي وڌيڪ موثر بڻائيندو۔ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪي فور گِرڊ اسٽيشن ۽ ٽرانسميشن لائينز بابت معاهدا ٿي چڪا آهن، جيڪي پائيدار پاڻي پمپنگ لاءِ ضروري آهن۔ سنڌ ڪابينا اڳ ئي منصوبن لاءِ سيڙپڪاري ۽ قرض ڏيڻ جي منظوري ڏئي چڪي آهي۔ وڏي وزير کي ڪلري بگهار فيڊر جي لائيننگ بابت پڻ بريف ڪيو ويو، جيڪو ڪي فور جي پاڻي ڪوٽا جي تحفظ لاءِ ضروري آهي۔ وزيراعليٰ سنڌ هدايت ڪئي ته ڪوٽڙي بئراج جي بندش بعد محدود وقت ۾ ڪم جي رفتار وڌائي وڃي، ڇاڪاڻ⁠ته اهو منصوبو انتهائي اهم آهي۔ 50.989 ارب رپين جي قيمت وارو هي منصوبو وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي مڪمل ڪري رهيون آهن، جنهن سان روزانو 510 ڪيوسڪ پاڻي جي بچت ٿيڻ جي اميد آهي۔ وڏي وزير کي حب ڊيم بابت به بريف ڪيو ويو، جتي 1.075 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن۔ وزيراعليٰ سنڌ حب ڊيم جي سار سنڀال، بناوٽي مضبوطي ۽ پاڻي فراهمي جي تحفظ لاءِ قدم جاري رکڻ جي منظوري ڏني ۽ چيو ته حب ڊيم ڪراچي (سنڌ) ۽ حب (بلوچستان) ٻنهي لاءِ اهم ترين ذريعو آهي۔ وڏي وزير آر بي او ڊي ڊرينج سسٽم جي فوري بحالي ۽ واپڊا–سنڌ آبپاشي جي گڏيل سهڪار جي به هدايت ڪئي۔ هن چيو ته نيڪال نظام کي سيلابي نقصانن کان بچائڻ شهري ۽ ماحولياتي تحفظ لاءِ لازمي آهي۔ آخر ۾ وڏي وزير هدايت ڪئي ته سڀئي منصوبا وقت سر مڪمل ڪيا وڃن ۽ فنڊز ڄاڻايل شيڊول مطابق وقت سر جاري ڪيا وڃن۔ اجلاس ۾ توانائي واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، آبپاشي واري وزير جام خان شورو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، سيڪريٽري خزانه فياض جتوئي سميت لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ عملدار شريڪ ٿيا۔