ڪراچي-11 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جبلن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته جبل قدرتي حسن، ماحولياتي توازن ۽ وسيلن جي تحفظ جا بنيادي علامت آهن. هن چيو ته دنيا جي ٻين ملڪن وانگر پاڪستان ۾ به هي ڏينهن هر سال 11 ڊسمبر تي ماحول دوست شعور اُجاگر ڪرڻ لاءِ ملهايو ويندو آهي۔ وڏي وزير چيو …
جبل قدرتي حسن، ماحولياتي توازن ۽ وسيلن جي تحفظ جا بنيادي علامت آهن: سيد مراد علي شاهه

مزید خبریں
ڪراچي-11 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جبلن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته جبل قدرتي حسن، ماحولياتي توازن ۽ وسيلن جي تحفظ جا بنيادي علامت آهن. هن چيو ته دنيا جي ٻين ملڪن وانگر پاڪستان ۾ به هي ڏينهن هر سال 11 ڊسمبر تي ماحول دوست شعور اُجاگر ڪرڻ لاءِ ملهايو ويندو آهي۔ وڏي وزير چيو ته هن سال هي ڏينهن "پاڻي، خوراڪ ۽ معاش لاءِ گليشيئرز جي اهميت” جي عنوان هيٺ ملهايو پيو وڃي جيڪو بدلجندڙ ماحولياتي حالتن جي ڏس ۾ انتهائي اهم آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ جبل، ريگستان، درياهه ۽ سمنڊ جهڙيون انمول قدرتي نعمتون موجود آهن جيڪي صوبي جي سڃاڻپ ۽ قدرتي ورثو آهن۔ سيد مراد علي شاهه چيو ته جبل اسان جي ماحول جي بقا ۽ قدرتي وسيلن جي تحفظ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪن ٿا۔ وڏي وزير زور ڀريو ته جابلو علائقن جي قدرتي وسيلن جي حفاظت لازمي آهي۔ ماحولياتي تبديليءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ جبلن جو تحفظ ضروري آهي ته جيئن ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ ٿي سگهي۔ هن چيو ته ڪارونجهر ۽ کيرٿر جابلو سلسلو پاڪستان جي قدرتي حسن جون اهم علامتون آهن۔ وڏي وزير چيو ته ڪارونجهر جبل سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ آهي ۽ حڪومت ان جي مڪمل حفاظت کي يقيني بڻائيندي۔ کيرٿر رينج برساتي پاڻي ذخيرو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو جڏهن ته گورک هِل اسٽيشن هن سلسلي جو دلڪش ۽ تاريخي هنڌ آهي۔ سيد مراد علي شاهه چيو ته جبلن سميت سڀني قدرتي وسيلن جو تحفظ هر شهري جي گڏيل ذميواري آهي ۽ سنڌ حڪومت ماحول دوست قدمن لاءِ پُرعزم آهي۔ هن اپيل ڪئي ته عوام ماحول، جبلن ۽ قدرتي وسيلن جي حفاظت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن۔











