اشڪ آباد - 11 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪمانستان جي صدر سردار بردي محمدوف جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اشڪ آباد پهچي ويو. اشڪ آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهچڻ تي ترڪمانستان جي ڪابينا جي نائب چيئرمين ۽ ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات واري سربراهه محمد خان چيڪيئف وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جو استقبال ڪيو جڏهن ته روايتي لباس پهريل ٻارن پنهنجي مخصوص ثقافتي انداز ۾ …
وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪمانستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اشڪ آباد پهچي ويو

مزید خبریں
اشڪ آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪمانستان جي صدر سردار بردي محمدوف جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اشڪ آباد پهچي ويو. اشڪ آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهچڻ تي ترڪمانستان جي ڪابينا جي نائب چيئرمين ۽ ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات واري سربراهه محمد خان چيڪيئف وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جو استقبال ڪيو جڏهن ته روايتي لباس پهريل ٻارن پنهنجي مخصوص ثقافتي انداز ۾ وزيراعظم کي ڀليڪار ڪيو ۽ گلدستو پيش ڪيو. دوري دوران وزيراعظم ترڪمانستان جي صدر سردار بردي محمدوف سان ٻطرفي ملاقات ڪندو. وزيراعظم اڄ جمعي ڏينهن اشڪ آباد ۾ منعقد امن ۽ اعتماد بابت عالمي سال، غيرجانبداري بابت عالمي ڏينهن ۽ ترڪمانستان جي 30 سالا مستقل غيرجانبداري جي سالگرهه جي حوالي سان منعقد فورم ۾ شرڪت ڪندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، پاور ڊويزن وارو وفاقي وزير سردار اويس خان لغاري، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، خاص معاونين طارق فاطمي ۽ طلحيٰ برڪي وزيراعظم سان گڏ وفد ۾ شامل آهن.











