آمريڪا پاڪستاني فضائيه جي، ايف-16 ٻيڙي لاءِ 686 ملين ڊالرن جي اپ گريڊ پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي

واشنگٽن-11 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا پاڪستان ايئر فورس (پي اي ايف)جي،  ايف-16 ٻيڙي لاءِ وڌيڪ 686 ملين ڊالرن جي اپ گريڊ پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان ڳالهه جو انڪشاف آمريڪي ڊفينس سيڪيورٽي ڪوآپريشن ايجنسي طرفان 8 ڊسمبر تي ڪانگريس کي موڪليل خط ۾ ڪيو ويو. ڊي ايس سي اي جي نوٽيفڪيشن کانپوءِ 30 ڏينهن جو پارلياماني جائزي جو باضابطه طور تي مُدو شروع ٿي ويو آهي، جنهن …

واشنگٽن-11 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا پاڪستان ايئر فورس (پي اي ايف)جي،  ايف-16 ٻيڙي لاءِ وڌيڪ 686 ملين ڊالرن جي اپ گريڊ پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان ڳالهه جو انڪشاف آمريڪي ڊفينس سيڪيورٽي ڪوآپريشن ايجنسي طرفان 8 ڊسمبر تي ڪانگريس کي موڪليل خط ۾ ڪيو ويو. ڊي ايس سي اي جي نوٽيفڪيشن کانپوءِ 30 ڏينهن جو پارلياماني جائزي جو باضابطه طور تي مُدو شروع ٿي ويو آهي، جنهن دوران آمريڪي قانونساز پاڪستان کي ايف-16 ٽيڪنالاجيءَ جي فراهميءَ تي بحث ڪندا. ايجنسيءَ موجب اها وِڪري واري تجويز آمريڪا جي پرڏيهي پاليسي ۽ قومي سلامتي جي مقصدن کي هٿي ڏيندي ڇاڪاڻ ته ان سان پاڪستان کي جاري دهشتگرديءَ جي خاتمي وارين ڪاررواين ۽ مستقبل جي امڪاني آپريشنز لاءِ آمريڪي ۽ اتحادي فورسز سان انٽرو آپريبلٽي برقرار رکڻ ۾ مدد ملندي. اپ گريڊ پيڪيج ۾ لنڪ-16 سسٽمز، ڪرپٽو گرافڪ اوزار، ايويونڪس اپ ڊيٽس، تربيت ۽ جامع لاجسٽڪ معاونت شامل آهي. اها اڳڀرائي آمريڪي صدر سان پاڪستان جي سول ۽ عسڪري قيادت جي خوشگوار ملاقاتن کانپوءِ سامهون آئي آهي. ڊي ايس سي اي جي خط ۾ چيو ويو آهي ته اهو وڪرو پاڪستان جي بلاڪ-52 ۽ مِڊ لائف اپ گريڊ ايف-16 ٻيڙي جي جديد ڪاري ۽ مرمت ذريعي ان جي موجوده ۽ ايندڙ خطرن کي مُنهن ڏيڻ جي صلاحيت کي برقرار ۽ مضبوط رکندي. خط ۾ چيو ويو ته هي جديد اپ گريڊز پي اي ايف ۽ آمريڪي فضائيه وچ ۾ جنگي ڪاررواين، مشقن ۽ تربيت ۾ وڌيڪ مؤثر انضمام ۽ انٽرو آپريبلٽي کي ممڪن بڻائيندا ۽ جهازن جي عمر 2040ع تائين وڌائڻ سان گڏوگڏ اهم حفاظتي معاملن جو به حل فراهم ڪندا.

مزید خبریں