پاڪستان آمريڪا ۽ چين ٻنهي سان تعميري لاڳاپا برقرار رکڻ جي بهترين پوزيشن ۾ آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير

رياض-11 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا ۽ چين ٻنهي سان تعميري لاڳاپا برقرار رکڻ جي بهترين پوزيشن ۾ آهي، جنهن سان مستحڪم ماحول ۽ جدت پرڏيهي سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ٿيندا، چٽاڀيٽي ايجنڊا لاءِ ترقياتي حصيدارن ۽ عالمي مالياتي مارڪيٽن مان پرڏيهي مالياتي معاونت اڻٽر رهندي. چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي جي صورت ۾ پاڪستان جو پُراڻو …

رياض-11 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا ۽ چين ٻنهي سان تعميري لاڳاپا برقرار رکڻ جي بهترين پوزيشن ۾ آهي، جنهن سان مستحڪم ماحول ۽ جدت پرڏيهي سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ٿيندا، چٽاڀيٽي ايجنڊا لاءِ ترقياتي حصيدارن ۽ عالمي مالياتي مارڪيٽن مان پرڏيهي مالياتي معاونت اڻٽر رهندي. چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي جي صورت ۾ پاڪستان جو پُراڻو حصيدار آهي. ناڻي واري وفاقي وزير اهڙو اظهار سعودي عرب جي گاديءَ واري هنڌ رياض ۾ گلوبل ڊولپمينٽ فنانس ڪانفرنس مومينٽم 2025ع جي موقعي تي موسمياتي چٽاڀيٽي، لچڪ ۽ گهربل سيڙپڪاري ڪيئن يقيني بڻايون جي عنوان سان رٿيل اعليٰ سطح جي سيشن ۾ پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جي خطرن ۽ ان حوالي سان مستقبل بين مالي حڪمت عملي تي ڳالهائڻ دوران ڪيو. هي سيشن عالمي مالياتي اڳواڻن جي موجودگيءَ ۾ ٿيو جنهن ۾ اردن جي رٿابندي ۽ عالمي تعاون واري وزير زينه توڪان، تاجڪستان جي ناڻي واري وزير قهور زاده فيض الدين ۽ اولهندي آفريقي ترقياتي بئنڪ جي صدر سرگي ايڪوئي شامل هئا. سيشن ۾ اُڀرندڙ معيشتن لاءِ موسمياتي چٽاڀيٽي جي وڌندڙ چئلينجز تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پاڪستان ۾ هاڻوڪي شديد موسمياتي واقعن جو حوالو ڏيندي ناڻي واري وزير ٻُڌايو ته موسمياتي تبديلي پاڪستان لاءِ وڌندڙ حقيقت آهي جنهن سان مالي ۽ انساني نقصانن جو خطرو وڌي رهيو آهي. هن 2022ع ۾ آيل تباهي پکيڙيندڙ ٻوڏ جو ذڪر ڪندي چيو ته ان سان تقريبن 30 ارب ڊالرن جي نقصان جو اندازو آهي. جاري مالي سال ۾ ٻوڏ جو حوالو ڏيندي هن چيو ته اهڙن واقعن جي شدت ۽ انگ ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي، پاڪستان کي هلندڙ سال تقريبن اڌ سيڪڙو جي ڊي پي گروٿ جو نقصان برداشت ڪرڻو پوندو، جيڪو اڳ ئي دٻاءُ جي شڪار معيشت لاءِ وڌيڪ مشڪلاتون پيدا ڪري رهيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان ڪلي معيشت جي استحڪام ذريعي ايترا مالياتي ۽ پرڏيهي ذخيرا قائم ڪري ورتا آهن جو فوري امداد ۽ بچاءُ جا قدم پنهنجي وسيلن مان ڪري سگهجن، جڏهن ته هن واضح ڪيو ته نئين سر تعمير ۽ بحاليءَ لاءِ وڏي پيماين تي پرڏيهي مدد گهربل آهي. ناڻي واري وزير پاڪستان جي قومي ايمرجنسي سينٽر ۾ مصنوعي ذهانت سان هلندڙ جديد شروعاتي اطلاعاتي نظام جي ڪامياب اڳڀرائيءَ جو ذڪر ڪيو جيڪو ماهوار بنيادن تي موسمياتي اڳڪٿي فراهم ڪري رهيو آهي، جنهن سان اڳواٽ رٿابندي ۽ فوري ردِعمل ممڪن ٿيندو، جڏهن ته سندس چوڻ هو ته پاڪستان جا پنهنجا وسيلا  ان وڏي پيماني جي ضرورتن لاءِ ڪافي ناهن جنهن سان گهڻ رُخي حصيدارن ۽ نجي شعبي جي شموليت اڻٽر آهي. ترقياتي ضرورتون ۽ موسمياتي چٽاڀيٽي وچ ۾ توازن بابت سوال تي ناڻي واري وزير چيو ته دنيا جي سڀ کان وڌيڪ موسمياتي خطرن ۾ ورتل ٻه چار ملڪن مان هڪ هئڻ جي ناتي پاڪستان کي ماحولياتي نقصان پهچائيندڙ گيسن جي خارج ٿيڻ ۾ گهٽتائيءَ جون ڪوششون جاري رکڻيون پونديون. جڏهن ته اصل ۽ فوري ضرورت چٽاڀيٽي لاءِ گهربل مالي مدد آهي. ناڻي واري وزير عالمي بئنڪ سان پاڪستان حڪومت جي 10 سالن جي ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ جو حوالو ڏنو جنهن جو ڳاڻيٽو تقريبن 20 ارب ڊالر آهي جنهن ۾ هڪ ڀاڱي ٽي حصا رقم موسمياتي لچڪ ۽ ڊي ڪاربونائيزيشن لاءِ رکيل آهن. ناڻي واري وزير زور ڀريو ته هاڻ ذميداري پاڪستان تي آهي ته هو وقت سر اعليٰ معيار جو قابل بئنڪاري منصوبو تيار ڪري ته جيئن ان فنڊز کي حاصل ڪري سگهجي. وفاقي وزير گرين ڪلائميٽ فنڊ ۽ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جهڙن عالمي موسمياتي مالياتي فنڊز جي حوالي سان ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته اهي فنڊز سست ۽ غير ذميواري بيورو ڪريسيءَ جو شڪار آهن جن جي منظوري جا پيچيدا مرحلا ڪمزور ملڪن لاءِ وقت سر رسائيءَ ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿا، ان جي ابتڙ پاڪستان گهڻ رُخي ذريعن مان مؤثر معاونت حاصل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو مثال آءِ ايم ايف جي ڪلائيميٽ ريزيلينس فنڊ سان 200 ملين آمريڪي ڊالرن جي پهرين قسط جو حاصل ڪرڻ آهي. وفاقي وزير چيو ته جيتوڻيڪ مقامي سطح تي مالي وسيلا رکيا وڃن ٿا پر پاڪستان جي چٽاڀيٽي ايجنڊا لاءِ ترقياتي حصيدارن ۽ عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽس مان پرڏيهي مالياتي مدد اڻٽر رهندي. هن هڪ عملي ۽ مرحليوار حڪمت عمليءَ تي زور ڀريو جنهن جو مقصد اڳ کان موجود وسيلن کي ڪتب آڻڻ ۽ باقي مالياتي خال کي مرحليوار ڀرڻ آهي. پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ موسميات سان هم آهنگ اؤسر جي سوال تي وفاقي وزير چيو ته سڄي دنيا جي ناڻي وارن وزيرن کي گهرجي ته هو قومي بجيٽ ۾ موسمياتي ترجيحن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻي حڪومتي کاتن ۽ مالياتي نظام وچ ۾ هم آهنگي پيدا ڪن. وفاقي وزير چيو ته خاص طور تي معدني وسيلن، مصنوعي ذهانت جهڙن ٽيڪنالاجيز، بلاڪ چين ۽ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ آمريڪا سان پاڪستان جا لاڳاپا نمايان طور مضبوط ٿيا آهن. پاڪستان جي فليگ شپ ڪاپر مائيننگ منصوبي ريڪوڊڪ بابت ڳالهائيندي ان کي پاڪستان جي اقتصادي ۽ توانائي منتقليءَ جي مستقبل جي لاءِ هڪ وڏي اڳڀرائي قرار ڏنو آهي. منصوبي جو 7 ارب آمريڪي ڊالر ماليت جو فنانشل ڪلوز بين الاقوامي مالياتي ڪارپوريشن جي اڳواڻيءَ ۾ مڪمل ٿيو جڏهن ته آمريڪي ايگزم بئنڪ به اهم حصيدار طور شامل آهي، جيڪو هڪ نمايان سنگ ميل آهي. ناڻي واري وزير چيو ته کاڻين جي کوٽائي جي ان منصوبي سان 2028ع ۾ ڪمرشل آپريشن جي پهرين سال ۾ پاڪستان جي موجوده روانگي واپار جي 10 سيڪڙو برابر مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا ڪمائڻ جي صلاحيت آهي، جنهن سان معاشي ترقي ۽ پرڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي، جيئن جيئن منصوبو اڳتي وڌندو پاڪستان کي آمريڪا، چين، جي سي سي ملڪن ۽ ٻين عالمي سيڙپڪارن سان مضبوط دلچسپيءَ جي توقع آهي جيڪو قومي ترقي ۽ عالمي سپلاءِ چينز، ٻنهي ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪندي. وڏن ملڪن وچ ۾ جاگرافيائي سياسي توازن بابت سوال تي ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان عالمي حصيدارن مؤثر حڪمت عمليءَ تي عمل پيرا آهي. چين خاص ڪري سي پيڪ منصوبي جي صورت ۾ پاڪستان جو پُراڻو ڀائيوار آهي، سي پيڪ جي پهرئين مرحلي ۾ بنيادي ڍانچي جي تعمير تي توجهه ڏني وئي هئي، پاڪستان سي پيڪ فيز 2.0 جي شروعات ڪئي آهي، جنهن جو مقصد ان بنيادي ڍانچي کي واپاري بنيادن تي استعمال ۾ آڻڻ آهي ته جيئن بين الحڪومتي حصيدارين کانپوءِ بزنس ٽو بزنس تعاون کي وڌيڪ مؤثر طور هٿي ڏئي سگهجي. هن يقين ڏياريو ته پاڪستان آمريڪا ۽ چين ٻنهي سان تعميري لاڳاپا برقرار رکڻ جي بهترين پوزيشن ۾ آهي جنهن سان مستحڪم، ماحولياتي جدت، پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جا موقعا پيدا ٿيندا. سيشن جي پڄاڻيءَ تي موسمياتي چئلينجز ۽ پائيدار ترقيءَ جي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ علائقائي ۽ عالمي تعاون جي اهميت تي زور ڀريو ويو. پينل جي ميمبرن چيو ته جيتوڻيڪ اُڀرندڙ معيشتون مشڪلاتن کي مُنهن ڏئي رهيون آهن پر لچڪ، جدت ۽ گڏيل مالياتي تعاون جي جذبي سان ملڪ پنهنجي عوام جي تحفظ، معيشتن جي مضبوطي ۽ عالمي موسمياتي هدف حاصل ڪرڻ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.

مزید خبریں