عدليه بين المذاهب هم آهنگي، برابري، مذهبي آزادي ۽ انساني وقار جي تحفظ لاءِ پُرعزم آهي: چيف جسٽس يحيٰ آفريدي

اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته  بين المذاهب هم آهنگي، برابري، مذهبي آزادي، انساني وقار ۽ پاڪستان جي آئين جا بنيادي اصول آهن، جن کي تحفظ ۽ هٿي وٺرائڻ لاءِ عدليه پُرعزم آهي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ڪرسمس ڊي جي مناسبت سان رٿيل خصوصي تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي مسيحي برادريءَ جي ملازمن …

اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته  بين المذاهب هم آهنگي، برابري، مذهبي آزادي، انساني وقار ۽ پاڪستان جي آئين جا بنيادي اصول آهن، جن کي تحفظ ۽ هٿي وٺرائڻ لاءِ عدليه پُرعزم آهي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ڪرسمس ڊي جي مناسبت سان رٿيل خصوصي تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي مسيحي برادريءَ جي ملازمن کي ڪرسمس جون مبارڪون ڏيندي اداري جي خدمت ۾ سندن ڪردار ۽ محنت کي ساراهيو. سپريم ڪورٽ پاران جاري پڌرائيءَ موجب سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ڪرسمس ڊي جي حوالي سان هڪ خصوصي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ مسيحي برادريءَ سان تعلق رکندڙ ملازمن ۽ سيڪيورٽي اسٽاف سان گڏ ڪرسمس جو جشن ملهايو ويو. تقريب ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، ججن ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر مسيحي برادريءَ سان تعلق رکندڙ ملازمن ۽ سيڪيورٽي اسٽاف سان ڪيڪ ڪٽيو. ان موقعي تي مسيحي ملازمن جو وڏو انگ موجود هو، جنهن سان رواداري، هم آهنگي ۽ـ گڏيل احترام جو خوبصورت مظاهرو ڏسڻ ۾ آيو. تقريب ۾ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار، آفيسرن ۽ ملازمن شرڪت ڪئي. هيءَ تقريب ان ڳالهه جي عڪاسي آهي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ملڪ ۾ ثقافتي ۽ مذهبي جدت کي هٿي ڏيڻ لاءِ مسلسل پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جيڪو پاڪستان جي بنيادي اصولن، برداشت، يڪجهتي ۽ وحدت سان هم آهنگ آهي.

مزید خبریں