اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته جابلو سلسلا ڪنهن به ملڪ جي بقا، ماحولياتي سلامتي، آبي تحفظ، معيشت ۽ زرعي نظام جا بنياد هوندا آهن، ان لاءِ انهن جو تحفظ، استحڪام ۽ غير ضروري ڪٽاءُ کي روڪڻ لاءِ فوري ۽ مؤثر قدم اڻٽر آهن. جبلن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان جا عظيم جابلو سلسلا هماليه، …
جابلو سلسلا ڪنهن به ملڪ جي بقا، ماحولياتي سلامتي، آبي تحفظ، معيشت ۽ زرعي نظام جا بنياد هوندا آهن: سينيٽ چيئرمين

مزید خبریں
اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته جابلو سلسلا ڪنهن به ملڪ جي بقا، ماحولياتي سلامتي، آبي تحفظ، معيشت ۽ زرعي نظام جا بنياد هوندا آهن، ان لاءِ انهن جو تحفظ، استحڪام ۽ غير ضروري ڪٽاءُ کي روڪڻ لاءِ فوري ۽ مؤثر قدم اڻٽر آهن. جبلن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان جا عظيم جابلو سلسلا هماليه، قراقرم ۽ هندوڪش اسان جي قدرتي ورثي جي شان، ماحولياتي توازن جا ضامن ۽ لکين سال پُراڻا گليشيئرز ذريعي آبي ذخيرن جا اهم محافظ آهن. گليشيئرز جي تيزيءَ سان پگهرجڻ گليشيائي ڍنڍن جو ڦاٽڻ ۽ موسمياتي تبديلين جي وڌندڙ اثرن تي گهري ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي هن چيو ته انهن چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جامع حڪمت عملي وقت جي اهم ضرورت آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پارليامينٽ ماحول دوست پاليسيون، ذميوار قانونسازي ۽ موسمياتي تبديلي جي مقابلي لاءِ قومي سطح تي مربوط ڪوششن کي مضبوط بڻائي رهي آهي. هن چيو ته جابلو علائقن ۾ رهندڙ برادرين جي ترقي، انفراسٽرڪچر جي بهتري ۽ قدرتي وسيلن جي تحفظ لاءِ گڏيل قومي عزم اڻٽر آهن. سينيٽ چيئرمين نوجوانن کي ماحول جي تحفظ جي جدوجهد جو مرڪزي ڪردار قرار ڏيندي چيو ته ايندڙ نسلن لاءِ هڪ محفوظ، صحتمند ۽ پائيدار مستقبل فراهم ڪرڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آهي.











