حيدرآباد-11 ڊسمبر(اي پي پي) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو، يو آءِ گرين ميٽرڪ ورلڊ يونيورسٽي رينڪنگ ۾ دنيا جي 478 هين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي، جڏهن ته سنڌ صوبي جي انجنيئرنگ يونيورسٽين ۾ پهرئين نمبر جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي۔ مهراڻ يونيورسٽيءَ کي صوبي جي انجنيئرنگ يونيورسٽين ۾ پهريون نمبر ملڻ تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحٰه حسين علي، پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيل ڪمار، رجسٽرار پروفيسر نصرالله پيرزادو ۽ فئڪلٽين جي …
مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو سنڌ صوبي جي انجنيئرنگ يونيورسٽين ۾ پهرئين نمبر جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو
حيدرآباد-11 ڊسمبر(اي پي پي) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو، يو آءِ گرين ميٽرڪ ورلڊ يونيورسٽي رينڪنگ ۾ دنيا جي 478 هين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي، جڏهن ته سنڌ صوبي جي انجنيئرنگ يونيورسٽين ۾ پهرئين نمبر جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي۔ مهراڻ يونيورسٽيءَ کي صوبي جي انجنيئرنگ يونيورسٽين ۾ پهريون نمبر ملڻ تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحٰه حسين علي، پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيل ڪمار، رجسٽرار پروفيسر نصرالله پيرزادو ۽ فئڪلٽين جي ڊينز، مهراڻ يونيورسٽي جي شاگردن، استادن، آفيسرن ۽ ملازمن کي فخر سان مبارڪون پيش ڪيون ويون.












