راولپنڊي-11 ڊسمبر (اي پي پي) فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل پاڪ فوج جي اڳوڻي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد تي سياسي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ، آفيشل سيڪريٽ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ، اختيارن ۽ سرڪاري وسيلن جي غلط استعمال ۽ ماڻهن کي مالي نقصان پهچائڻ جا الزام ثابت ٿيڻ تي 14 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي( آءِ ايس پي آر) مطابق اڳوڻي …
فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل پاڪ فوج جي اڳوڻي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد کي الزام ثابت ٿيڻ تي 14 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي: آءِ ايس پي آر

مزید خبریں
راولپنڊي-11 ڊسمبر (اي پي پي) فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل پاڪ فوج جي اڳوڻي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد تي سياسي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ، آفيشل سيڪريٽ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ، اختيارن ۽ سرڪاري وسيلن جي غلط استعمال ۽ ماڻهن کي مالي نقصان پهچائڻ جا الزام ثابت ٿيڻ تي 14 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي( آءِ ايس پي آر) مطابق اڳوڻي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد خلاف پاڪستان آرمي ايڪٽ جي شقن تحت فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي 15 مهينن تي ٻڌل ڪارروائي 12 آگسٽ 2024ع تي شروع ڪئي وئي هئي. ملزم تي الزامن تحت ڪيس هلايو ويو جيڪو سياسي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ، سرڪاري راز جي قانون جي ڀڃڪڙي جيڪا رياست جي سلامتي ۽ مفاد لاءِ نقصانڪار هئي، اختيارن ۽ سرڪاري وسيلن جي غلط استعمال ۽ ماڻهن کي غلط مالي نقصان پهچائڻ بابت هو. ڊگهي ۽ محنت طلب قانوني ڪارروائي بعد عدالت ملزم کي سمورن الزامن ۾ ڏوهي قرار ڏنو ۽ 14 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي، جنهن جو اعلان 11 ڊسمبر 2025ع تي ڪيو ويو. فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل سمورين قانوني شقن جي تعميل ڪئي. ملزم کي سندس پسند جي دفاعي ٽيم سميت سمورا قانوني حق فراهم ڪيا ويا. مجرم لاڳاپيل فورم تي اپيل جو حق رکي ٿو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سياسي عنصرن سان گڏجي مخصوص سياسي اشتعال انگيزي ۽ عدم استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۽ ڪجهه ٻين معاملن ۾ مجرم جي شموليت کي ڌار اڪلايو پيو وڃي.











