وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان اردن جي هم منصب جي ملاقات

برسلز- 11 ڊسمبر(اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي سان اردن جي هم منصب مازن عبدالله هلاڪ الفرايه ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ هو ته اردن جي هم منصب سان ملاقات ۾ ٻه طرفي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ جي معاملن سميت منشيات جي روڪٿام ۽ پوليس …

برسلز- 11 ڊسمبر(اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي سان اردن جي هم منصب مازن عبدالله هلاڪ الفرايه ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ هو ته اردن جي هم منصب سان ملاقات ۾ ٻه طرفي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ جي معاملن سميت منشيات جي روڪٿام ۽ پوليس تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. گهرو وزير محسن نقوي کيس پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. هن اردن جي بادشاهه جي پاڪستان جي ڪامياب دوري جو به ذڪر ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين سهڪار ۾ اضافي تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں