اسلام آباد - 11 ڊسمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان ترڪيه جي اعليٰ سطح جي وفد ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ايوي ايشن، ڊفينس مينيوفيڪچرنگ ۽ ھاءِ ٽيڪ صنعتن ۾ سھڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. واپار واري وزارت مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ ترڪيه جي وفد پاڪستان ۾ جوائينٽ وينچرز ۽ ٽيڪنالاجي ٽرانسفر ۽ پاڪستان ۾ مينيو فيڪچرنگ يونٽ قائم ڪرڻ …
واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان ترڪيه جي اعليٰ سطح جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان ترڪيه جي اعليٰ سطح جي وفد ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ايوي ايشن، ڊفينس مينيوفيڪچرنگ ۽ ھاءِ ٽيڪ صنعتن ۾ سھڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. واپار واري وزارت مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ ترڪيه جي وفد پاڪستان ۾ جوائينٽ وينچرز ۽ ٽيڪنالاجي ٽرانسفر ۽ پاڪستان ۾ مينيو فيڪچرنگ يونٽ قائم ڪرڻ ۾ دلچسپي جو اظھار ڪيو. وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ٻطرفي صنعتي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريو ۽ ايرو اسپيس، ڊيفنس پراڊڪشن منرلز ۽ ڊوئل يوز مينيوفيڪچرنگ ۾ سھڪار جي وسيع امڪانن کي اجاگر ڪيو. وفاقي وزير ترڪيه جي ڪمپنين کي خطي جي مارڪيٽن لاءِ اسٽريٽيجڪ پرواڊڪشن جو حصيدار بڻائڻ جي آڇ ڪئي. ترڪيه جي وفد پاڪستان جي اسٽريٽيجڪ ويزن جي تعريف ڪئي ۽ ڊگھي مدي واري سھڪار جي خواھش جو اظھار ڪيو. ٻنھي ڌرين بزنس ٽو بزنس رابطن، سيڙپڪاري تي ٻڌل صنعتي شراڪتداري ۽ ٽيڪنالاجيڪل سھڪار وڌائڻ ۽ مستقبل ۾ بينڪنگ ۽ واپاري فيسليٽيشن مڪينزم مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.











