اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي)قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته اسان ملڪ مان پوليو ڪيس گهٽائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون، گذريل سال پوليو جا 74 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا جڏهن ته هلندڙ سال 30 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن 2025 جي سڄي ملڪ ۾ آخري پوليو مهم شروع ڪرڻ جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. سيد مصطفيٰ ڪمال چيو ته …
ملڪ مان پوليو ڪيس گهٽائڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪا آهيون: قومي صحت وارو وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال

مزید خبریں
اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي)قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته اسان ملڪ مان پوليو ڪيس گهٽائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون، گذريل سال پوليو جا 74 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا جڏهن ته هلندڙ سال 30 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن 2025 جي سڄي ملڪ ۾ آخري پوليو مهم شروع ڪرڻ جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. سيد مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسان سڄي ملڪ مان پوليو جا ڪيس گهٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون. ان مهم دوران 4 ڪروڙ 50 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا. هن چيو ته پاڪستان جي ڪجهه شهرن پشاور، ڪراچي ۽ لاهور ۾ وائرس موجود آهي. ٻارن کي پوليو وائرس کان بچائڻ جي مهم دوران ڦڙا ضرور پياريا وڃن. هن چيو ته وفاقي حڪومت سڄي ملڪ مان وائرس جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، جڏهن ته ان مقصد لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته 30 پوليو ڪيسن مان 19 ڪيس خيبر پختونخواه ۾ سامهون آيا آهن جڏهن ته 16 ٻيا ڪيس ڏکڻ خيبرپختونخواه ۾ سامهون آيا آهن جتي امن امان جي صورتحال سبب 2 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءِ جا ڦڙا نه پياريا ويا. سيد مصطفيٰ ڪمال چيو ته سڄي ملڪ ۾ پوليو مهم 15 کان 21 ڊسمبر تان جاري رهندي جنهن دوران 4 لک کان وڌيڪ عورت ۽ مرد پوليو ورڪر توهان جي ٻارن کي پوليو وائرس کان بچاءَ جا ڦڙا پياريندا. هن والدين کي اپيل ڪئي ته اهي پوليو ورڪرز سان سهڪار ڪن ۽ پنهنجي 5 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي پوليو جا بچاءَ جا ڦڙا ضرور پيارين. هن وڌيڪ چيو ته عالم سڳورن کي پڻ ان مهم دوران پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.











