اسلام آباد- 11 ڊسمبر(اي پي پي) پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان 1.2 ارب ڊالرن جي قسط ملي وئي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان بيان مطابق عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي ايگزيڪيوٽو بورڊ 8 ڊسمبر 2025ع تي پنهنجي اجلاس ۾ توسيعي فنڊ سهولت (اي ايف ايف) تحت ٻيو جائزو مڪمل ڪري ورتو ۽ پاڪستان لاءِ 760 ملين ايس ڊي آر جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي هئي. ان کان علاوه، …
پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان 1.2 ارب ڊالرن جي قسط ملي وئي

مزید خبریں
اسلام آباد- 11 ڊسمبر(اي پي پي) پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان 1.2 ارب ڊالرن جي قسط ملي وئي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان بيان مطابق عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي ايگزيڪيوٽو بورڊ 8 ڊسمبر 2025ع تي پنهنجي اجلاس ۾ توسيعي فنڊ سهولت (اي ايف ايف) تحت ٻيو جائزو مڪمل ڪري ورتو ۽ پاڪستان لاءِ 760 ملين ايس ڊي آر جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي هئي. ان کان علاوه، آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ آر ايس ايف تحت 154 ملين ايس ڊي آر کي پهرين قسط جاري ڪرڻ جي به منظوري ڏني. اي ايف ايف ۽ آر ايس ايف تحت اسٽيٽ بئنڪ کي آءِ ايم ايف کان 10 ڊسمبر 2025ع تي 914 ملين ايس ڊي آر (اٽڪل 1.2 ارب ڊالرن جي برابر) رقم وصول ٿي. اها رقم 12 ڊسمبر 2025ع تي ختم ٿيل هفتي ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي مٽا سٽا وارن ذخيرن ۾ شامل ٿيندي.











