دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد- 11 ڊسمبر (اي پي پي) واپڊا  مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ بابت انگن اکر جاري ڪيا آهن، جنهن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 19 ھزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 20 ھزار ڪيوسڪ آھي، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 7 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 7 هزار 300 ڪيوسڪ آھي، خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 16 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 16 هزار 700 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 4 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 33 هزار ڪيوسڪ آھي جڏھن ته چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جي آمد 3  هزار 700 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. آبي …

اسلام آباد- 11 ڊسمبر (اي پي پي) واپڊا  مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ بابت انگن اکر جاري ڪيا آهن، جنهن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 19 ھزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 20 ھزار ڪيوسڪ آھي، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 7 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 7 هزار 300 ڪيوسڪ آھي، خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 16 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 16 هزار 700 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 4 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 33 هزار ڪيوسڪ آھي جڏھن ته چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جي آمد 3  هزار 700 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ،  پاڻي جي موجوده سطح 1489.43 فوٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.630 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 1209.45 فوٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جي ذخيرو 4.868 ملين ايڪڙ فوٽ جڏھن ته چشمه جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 644.50 فوٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.126 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.

مزید خبریں