مڪي شاهه ٿاڻي جي پوليس پاران پنهنجي ئي ٿاڻي جو هڪ سپاهي گرفتار ، سندس قبضي مان شراب جون بوتلون هٿ، ڪيس داخل

حيدرآباد 11 ڊسمبر (اي پي پي) حيدرآباد جي مڪي شاهه ٿاڻي جي پوليس پنهنجي ئي ٿاڻي جي هڪ سپاهي حنيف يوسفزئي کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان شراب جون چار بوتلون هٿ ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي حيدرآباد جي ترجمان پاران جاري ڪيل خبر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حنيف يوسفزئي جي شراب جي بوتل سان گڏ سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي هئي جنهن جو سخت نوٽيس …

حيدرآباد 11 ڊسمبر (اي پي پي) حيدرآباد جي مڪي شاهه ٿاڻي جي پوليس پنهنجي ئي ٿاڻي جي هڪ سپاهي حنيف يوسفزئي کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان شراب جون چار بوتلون هٿ ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي حيدرآباد جي ترجمان پاران جاري ڪيل خبر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حنيف يوسفزئي جي شراب جي بوتل سان گڏ سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي هئي جنهن جو سخت نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ڪارروائي جون هدايتون جاري ڪيون هيون ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو. ترجمان موجب ايس ايس پي حيدرآباد واضع ڪيو ته پوليس فورس جي ضابطن ۽ ساک جي خلاف ڪنهن به قسم جي خلاف ورزي ناقابل برداشت آهي ۽ اهڙن عنصرن خلاف زيرو ٽالرنس تحت سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.