وزيراعظم پاران ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح جي 11 سيڪڙو جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد - 11 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح جي 11 سيڪڙو جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ ۽ ٽيڪس اوڳاڙين جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٽيڪس جي دائري کي وڌيڪ وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايف بي آر …

اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح جي 11 سيڪڙو جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ ۽ ٽيڪس اوڳاڙين جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٽيڪس جي دائري کي وڌيڪ وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايف بي آر جي معاملن جي حوالي سان هفتيوار جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پيٽروليم وارو وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، ناڻي وارو مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، اٽارني جنرل آف پاڪستان، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا. وزيراعظم ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح جي 11 سيڪڙو جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ ۽ ٽيڪس اوڳاڙين جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٽيڪس نيٽ کي وڌيڪ وڌائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ڪسٽمز ڪليئرنس ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ اي آءِ جي استعمال سان ڪليئرنس جي وقت ۾ تمام گهڻي گهٽتائي تي ايف بي آر عملدارن جڏهن ته سگريٽ سازي جي غيرقانوني فيڪٽرين جي خلاف موثر ڪارروائي تي ايف بي آر ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي شاباس ڏني. وزيراعظم چيو ته درآمدات ۽ برآمدات جي ڪسٽمز ڪليئرنس جي عرصي کي وڌيڪ گهٽ ڪيو وڃي، حڪومتي اوڳاڙيون وڌائڻ جي لاءِ معيشت جي سمورن شعبن ۾ ٽيڪس انفورسمنٽ کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم ايف بي آر جي ٽيڪس چورن ۽ غيرقانوني فيڪٽرين جي خلاف قدمن ۾ صوبائي حڪومتن کي ايف بي آر سان مڪمل تعاون جاري رکڻ ۽ سيلز ٽيڪس ريفنڊ جي وقت سر ادائيگي يقيني بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم کي ٽيڪس اوڳاڙين جا هدف حاصل ڪرڻ جي اڳڀرائي، معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن ۽ ٽيڪس چوري جي خلاف قدمن جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ تماڪ جي شعبي کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي لاءِ ايف بي آر ۽ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي پاران ڪيترائي فوڪل پرسن مقرر ڪيا ويا آهن، تازن ڏينهن ۾ موثر ڪارروائي جي نتيجي ۾ غيرقانوني سگريٽس جو وڏو انگ قبضي ۾ ورتو ويو آهي. وزيراعظم کي ٽربيونلز ۽ مختلف ادارن ۾ ٽيڪس جي التوا هيٺ ڪيسن جي اڳڀرائي تي بريفنگ پڻ ڏني وئي.

مزید خبریں