پاڪستان ۽ تيونس جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو چوٿون دور تيونس ۾ منعقد

اسلام آباد - 11 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ تيونس جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو چوٿون دور تيونس ۾ منعقد ٿيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستاني وفد جي قيادت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (آفريقا) حامد اصغر خان ڪئي جڏهن ته تيونس جي وفد جي سربراهي ڊائريڪٽر جنرل (ايشيا) سليم ڪئي. ڳالهه ٻولهه ۾ ٻنهي ڌرين سياسي تعاون، اعليٰ سطح جي مٽاسٽا، واپار ۽ سيڙپڪاري، دفاعي ۽ …

اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ تيونس جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو چوٿون دور تيونس ۾ منعقد ٿيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستاني وفد جي قيادت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (آفريقا) حامد اصغر خان ڪئي جڏهن ته تيونس جي وفد جي سربراهي ڊائريڪٽر جنرل (ايشيا) سليم ڪئي. ڳالهه ٻولهه ۾ ٻنهي ڌرين سياسي تعاون، اعليٰ سطح جي مٽاسٽا، واپار ۽ سيڙپڪاري، دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون، تعليم ۽ عوام سان عوام جي رابطن سميت ٻطرفي لاڳاپن جي مڪمل دائري جو جائزو ورتو. هن 2026ع ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ 10هين گڏيل ڪميشن جي اجلاس کان اڳ اقتصادي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي طريقن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفدن گهڻ رخي فورمز خاص طور تي گڏيل قومن ۽ اسلامي تعاون تنظيم ۾ گڏيل هم آهنگي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. هنن وچ اوڀر، فلسطين ۽ اتر آفريقا جي حالتن سميت علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (آفريقا) حامد اصغر خان تيونس جي پرڏيهي وزارت جي پرڏيهي سيڪريٽري محمد بن عييد سان پڻ ملاقات ڪئي. ٻنهي طرفن پاران لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ سمورن شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. بيان موجب پاڪستان ۽ تيونس جي وچ ۾ پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن جن جي خصوصيت گڏيل احترام ۽ ويجهو تعاون آهي. هن سال ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفاريت لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 67هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي.

مزید خبریں