رياست طيبه ۽ رياست پاڪستان جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ دفاعي معاهدو تاريخي اهميت رکندڙ آهي: چيف آف ڊفينس فورسز، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير

اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته رياست طيبه ۽ رياست پاڪستان جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي، الله تعاليٰ سمورن اسلامي ملڪن مان حرمين جو محافظ جو شرف پاڪستان کي عطا ڪيو، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ دفاعي معاهدو تاريخي اهميت وارو آهي. اسلام آباد ۾ منعقد قومي عالمن ۽ مشائخن واري ڪانفرنس کي …

اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته رياست طيبه ۽ رياست پاڪستان جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي، الله تعاليٰ سمورن اسلامي ملڪن مان حرمين جو محافظ جو شرف پاڪستان کي عطا ڪيو، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ دفاعي معاهدو تاريخي اهميت وارو آهي. اسلام آباد ۾ منعقد قومي عالمن ۽ مشائخن واري ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته الله تعاليٰ سمورن مسلمان ملڪن مان حرمين جي محافظ جو شرف پاڪستان کي عطا ڪيو آهي جيڪو سڄي قوم لاءِ فخر جو سبب آهي. هن چيو ته جنهن قوم علم ۽ قلم کي ڇڏيو، اتي انتشار، فتني ۽ فساد جڳهه ٺاهي آهي، عزت ۽ طاقت تقسيم ۽ نفرت سان نه پر محنت، علم ۽ اتحاد سان حاصل ٿيندي آهي. قومي سلامتي جي حوالي سان ڳالهائيندي فيلڊ مارشل واضح ڪيو ته دهشتگردي پاڪستان جو نه پر ڀارت جو وطيرو آهي، اسان دشمن جو لِڪي نه پر سامهون ٿي مقابلو ڪندا آهيون. هن چيو ته اسلامي رياست ۾ رياست کان علاوه فرد يا گروهه جهاد جو حڪم نه ٿو ڏئي سگهي، اهو اختيار صرف رياست وٽ هوندو آهي. هن چيو ته حق جي ويڙهه ۾ پاڪستان کي الله تعاليٰ جي نصرت سان ڪاميابي ملي ۽ دشمن جي ناپاڪ عزمن کي ناڪام بنايو ويو. هن عالمن ۽ مشائخن تي زور ڀريو ته هو قوم کي متحد رکن، عوام جي سوچ ۾ وسعت پيدا ڪن ۽ فرقي واريت، نفرت ۽ انتشار جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. قومي عالمن مشائخن واري ڪانفرنس ۾ سڄي ملڪ مان مذهبي ۽ ديني شخصيتن، اسڪالرز ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ نمائندن شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن دهشتگردي جي خاتمي ۽ ملڪي سلامتي ۽ امت جي اتحاد لاءِ پاڪ فوج جي ڪردار کي ساراهيو ۽ پاڪ فوج سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں