بدعنواني جو خاتمو فرض آهي، ان ناسور خلاف پوري قوم کي متحد ٿيڻو پوندو: قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر ۽ نيب چيئرمين جو آگاهي واڪ کي خطاب

اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ نيب چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد چيو آهي ته بدعنواني جو خاتمو فرض آهي، ان ناسور خلاف پوري قوم کي متحد ٿيڻو پوندو. هو بدعنواني جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي نيب راولپنڊي، اسلام آباد طرفان رٿيل آگاهي واڪ کي خطاب ڪري رهيا هئا. نيب ترجمان موجب اسپيڪر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته …

اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ نيب چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد چيو آهي ته بدعنواني جو خاتمو فرض آهي، ان ناسور خلاف پوري قوم کي متحد ٿيڻو پوندو. هو بدعنواني جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي نيب راولپنڊي، اسلام آباد طرفان رٿيل آگاهي واڪ کي خطاب ڪري رهيا هئا. نيب ترجمان موجب اسپيڪر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته نيب جي سڌارن وارين پاليسين جي نتيجي ۾ اداري بابت خوف ۽ هراس ۽ هٻڪ جو تصور ختم ٿيو آهي جڏهن ته عوام، ڪاروباري طبقي، سياستدانن ۽ سرڪاري آفيسرن جو اعتماد بحال ٿيو آهي. هن چيو ته گذريل اڍائي سالن ۾ نيب وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي سهڪار سان نمايان ريڪوريون ڪيون آهن جيڪي تعريف جوڳيون آهن. نيب چيئرمين ان موقعي تي چيو ته نيب پنهنجي آئيني مينڊيٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ اڄ جي واڪ ان عوامي خواهش جي علامت آهي ته پوري قوم بدعنواني جي خاتمي جي خواهشمند آهي. هن چيو ته شفاف معاشي ۽ سماجي نظام جي جوڙجڪ ادارن جي گڏيل سهڪار سان ئي ممڪن آهي. نيب راولپنڊي/اسلام آباد طرفان رٿيل اها آگاهي واڪ گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ منعقد ٿي، جنهن جي قيادت قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، نيب چيئرمين جنرل (ر) نذير احمد ۽ ڊي جي نيب (اسلام آباد/راولپنڊي) وقار احمد چوهان ڪئي. واڪ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي اڳواڻن، پارليامينٽ جي ميمبرن، سفارتڪارن، سرڪاري آفيسرن، چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي ميمبرن ۽ عالمن جي وفدن، اسلام آباد ۽ راولپنڊي چيمبرز آف ڪامرس جي نمائندن، سول سوسائٽي، ميڊيا، شاگردن ۽ نيب جي سينيئر آفيسرن ۽ عملي شرڪت ڪئي. اسپيڪر چيو ته نيب جي سڌارن وارين پاليسين اداري جي هاڪاري سُڃاڻپ بحال ڪئي آهي. لُٽيل رقم عوام کي واپس ڪري نيب حقيقي رليف فراهم ڪيو، بدعنواني هڪ زهر آهي جيڪو قوم جي معاشي ۽ سماجي بنيادن کي کوکلو ڪري ٿو، حڪومت بدعنواني جي مڪمل خاتمي لاءِ پُرعزم آهي ۽ نيب سميت سمورن ادارن کي مڪمل سهڪار حاصل آهي. نيب چيئرمين چيو ته اڄ جو واڪ بدعنواني خلاف قومي اتحاد جي علامت آهي، عوام کان اپيل آهي ته بدعنواني خلاف آواز بلند ڪن ۽ نيب جو ساٿ ڏين، ادارن جي گڏجڻ سان ئي هڪ منصفاڻو ۽ شفاف نظام قائم ٿي سگهي ٿو. گذريل ٽن سالن ۾ هڪ لک 31500 کان وڌيڪ متاثرن کي 207 ارب رپيا واپس ڪيا ويا، صرف هلندڙ سال 70 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي 164 ارب رپيا موٽايا ويا جيڪو نيب جي ڪارڪردگيءَ جو چِٽو ثبوت آهي.

مزید خبریں