اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته موسمياتي تبديلي هن وقت اسان لاءِ سڀ کان وڏو چيلينج آهي، ان کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪوشش ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يو ڪي پاڪستان گرين ڪمپيڪٽ لانچ جي افتتاحي تقريب دوران خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو بندوبست اسلام آباد جي مقامي هوٽل ۾ ڪيو ويو. معاهدي …
موسمياتي تبديلي هن وقت اسان لاءِ سڀ کان وڏو چيلينج آهي: ڊاڪٽر مصدق ملڪ

مزید خبریں
اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته موسمياتي تبديلي هن وقت اسان لاءِ سڀ کان وڏو چيلينج آهي، ان کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪوشش ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يو ڪي پاڪستان گرين ڪمپيڪٽ لانچ جي افتتاحي تقريب دوران خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو بندوبست اسلام آباد جي مقامي هوٽل ۾ ڪيو ويو. معاهدي تحت گرين ڪمپيڪٽ تحت پاڪستان ۽ برطانيا ماحول دوست پاليسين ۾ گڏيل سهڪار وڌائيندا. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته برطانيا ۽ پاڪستان موسمياتي تبديلي سهڪار ۾ بهترين تجربا شيئر ڪندا، نجي سيڙپڪاري لاءِ نوان موقعا ڳولهيا ويندا. هن چيو ته موسمياتي تبديلي هن وقت اسان لاءِ سڀ کان وڏو چيلينج آهي، ان کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪوشش ڪرڻي پوندي.











