ڊجيٽل انفراسٽرڪچر ۾ بهتريءَ سان ڊجيٽل معيشت مضبوط بنائڻ ۾ مدد ملندي: شزه فاطمه خواجه

اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته ڊجيٽل انفراسٽرڪچر ۾ بهتريءَ سان ڊجيٽل معيشت مضبوط بنائڻ ۾ مدد ملندي. جديد ٽيڪنالاجي، ڪلائوڊ سلوشنز کي هٿي وٺرائڻ ۽ مستقبل جي فني ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ نجي ٽيلي ڪام ڪمپني زونگ جون ڪوششون قدر جوڳيون آهن. هن اهڙو اظهار جديد ترين ڪلائوڊ انٽيليجينٽ ڪمپيوٽنگ سينٽر جي افتتاح تقريب …

اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته ڊجيٽل انفراسٽرڪچر ۾ بهتريءَ سان ڊجيٽل معيشت مضبوط بنائڻ ۾ مدد ملندي. جديد ٽيڪنالاجي، ڪلائوڊ سلوشنز کي هٿي وٺرائڻ ۽ مستقبل جي فني ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ نجي ٽيلي ڪام ڪمپني زونگ جون ڪوششون قدر جوڳيون آهن. هن اهڙو اظهار جديد ترين ڪلائوڊ انٽيليجينٽ ڪمپيوٽنگ سينٽر جي افتتاح تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ سينيئر سرڪاري عملدار، انڊسٽريءَ جا نمايان اڳواڻ ۽ معزز مهمان به موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته ان ڊيٽا سينٽر جو افتتاح پاڪستان جي تيز رفتار ڊجيٽل تبديلي جي عڪاسي ڪري ٿو، مضبوط ۽ جديد قومي ڊجيٽل انفراسٽرڪچر ملڪ جي اقتصادي ترقي، جدت ۽ روزگار جي موقعن لاءِ اڻٽر آهي. اسان اهڙن ڀائيوارن جي خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا جيڪي حڪومت جي ويزن جي عين موجب مسلسل جديد ٽيڪنالاجيءَ ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيا آهن، ته جيئن پاڪستان کي مربوط ۽ ڊجيٽل طور تي بااختيار بنائي سگهجي. زونگ فورجي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر هووجن لي چيو ته اهو اسان لاءِ فخر جو سبب آهي ته اسان پاڪستان جي ڊجيٽل ويزن کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون، زونگ فورجي عالمي معيار جي انفارميشن سروسز ۽ فني جدت فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي جيڪو هڪ جامع ۽ اثرائتي ڊجيٽل ماحولياتي نظام جي قيام ۾ مددگار ثابت ٿيندو، اسان جا ڪلائوڊ انٽيليجينيٽ ڪمپيوٽنگ سينٽر، مصنوعي ذهانت سان هلندڙ پليٽ فارم ۽ ڪلائوڊ سولوشنز جي لانچ پاڪستان جي ڊجيٽل خواب کي حقيقت جو روپ ڏيڻ طرف اهم اڳڀرائي آهي. اسان وفاقي وزير جي قيادت ۽ حوصله افزائي جا ٿورائتا آهيون ۽ گڏجي پاڪستان جي ڊجيٽل معيشت جي ترقيءَ کي تيز ڪنداسين. افتتاحي تقريب دوران زونگ جي قيادت طرفان جديد ٽيڪنالاجي جي مظاهرو ۽ پريزينٽيشن به ڏنيون ويون، جن ۾ مصنوعي ذهانت، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، انٽرنيٽ آف ٿنگو ۽ نيٽ ورڪ ماڊرنائزيشن جي جديد اڳڀرائيءَ کي اجاگر ڪيو ويو. زونگ فورجي آءِ ٽي واري وزارت سان ويجهي ڀائيواري ذريعي جدت کي هٿي وٺرائڻ، ڊجيٽل پهچ کي وسعت ڏيڻ ۽ پاڪستان جي آءِ ٽي شعبي جي ترقيءَ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم کي ورجايو.

مزید خبریں