پابندي نٿا چاهيون، سياسي پارٽين کي به سياسي رويو اختيار ڪرڻو پوندو: بلاول ڀٽو زرداري

لاهور-10 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪجهه سياسي قوتون سوشل ميڊيا ذريعي ادارن کي نشانو بڻائي رهيون آهن جيڪو ملڪ لاءِ نقصان جو سبب آهي. هو باغبانپوره ۾ پارٽي جي سينيئر ميمبر مرحومه زبيده جعفري جي گهر وارن سان تعزيت کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. هن چيو ته لاهور ۾ ڪارڪنن وچ ۾ اچي خوشي محسوس ڪري رهيو …

لاهور-10 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪجهه سياسي قوتون سوشل ميڊيا ذريعي ادارن کي نشانو بڻائي رهيون آهن جيڪو ملڪ لاءِ نقصان جو سبب آهي. هو باغبانپوره ۾ پارٽي جي سينيئر ميمبر مرحومه زبيده جعفري جي گهر وارن سان تعزيت کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. هن چيو ته لاهور ۾ ڪارڪنن وچ ۾ اچي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان. بلاول ڀٽو زرداري مئي ۾ ڀارت سان ٿيل چڪرين جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان ڀارتي اڳرائيءَ جو ڀرپور جواب ڏيندي 6 ڀارتي جنگي جهاز ڪيرايا ۽ دنيا کي واضح پيغام ڏنو ته پاڪستان پنهنجي آزادي ۽ سرحدن جي تحفظ ۾ ڪنهن کان به پوئتي نه هٽندو. هن چيو ته ڀارت طرفان خطرا اڃا به موجود آهن، جڏهن ته افغانستان طرفان دهشتگرديءَ جا خدشا حقيقت بڻجي رهيا آهن. دهشتگرد افغانستان مان پاڪستان اچن ٿا، ڪارروائيون ڪري واپس هليا وڃن ٿا، جيڪو پاڪستان لاءِ سنگين سيڪيورٽي چئلينج آهي، جڏهن ته پاڪستان جي بهادر فوج انهن خطرن جو مقابلو ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته ملڪ جي اندروني چئلينجز کي به مُنهن ڏنو پيو وڃي ۽ اهڙي وقت ۾ هر محبِ وطن جي ذميداري آهي ته ملڪ ۽ پاڪ فوج سان گڏ بيهي. هن چيو ته هڪ سياسي پارٽي سياسي دجال جو ڪردار ادا ڪندي عوام ۽ فوج وچ ۾ ڏار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جيڪڏهن ڪا سياسي پارٽي انتهاپسند تنظيم جو ڪردار ادا ڪندي ته سوال اُٿندا، پي ٽي آءِ جو رويو اهڙو آهي ته ان مٿان پابندي لڳي سگهي ٿي، ڪو وڃي انهن کي ٻُڌائي ته سياست ڪن، انتهاپسندي نه. هن چيو ته جيڪڏهن ڪا سياسي پارٽي دهشتگردن جو ساٿ ڏيندي ته گورنر راڄ لڳڻ جو خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته مون ڪي پي ڪي جي گورنر جو ان حوالي سان بيان ناهي ڏٺو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪوبه سنڌ ۾ اچي چونڊ وڙهي ته اسان کي خوشي ٿيندي، جڏهن به چونڊون ٿين، پهرين سڌارا ضروري آهن. هن چيو ته اسان ڪنهن سياسي پارٽيءَ تي پابندي نٿا چاهيون پر سياسي پارٽين کي به سياسي رويو اختيار ڪرڻو پوندو.

مزید خبریں