ڪرپشن جي خاتمي لاءِ پورو نظام بدلائڻو پوندو، گهٽ عرصي ۾ عوام جو اعتماد حاصل ڪيو آهي: وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده

ملتان-10 ڊسمبر (اي پي پي) هائوسنگ واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده چيو آهي ته ڪرپشن جهڙي لعنت جي خاتمي لاءِ پاڪستان سنجيدگيءَ سان پنهنجو ڪردارا دا ڪري رهيو آهي، نيب ڪجهه ئي وقت ۾ عوام جو اعتماد حاصل ڪيو آهي ۽ نيب چيئرمين جي ويزن سان اداري ۾ استحڪام آيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بدعنواني جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان نيب ملتان جي انتظام …

ملتان-10 ڊسمبر (اي پي پي) هائوسنگ واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده چيو آهي ته ڪرپشن جهڙي لعنت جي خاتمي لاءِ پاڪستان سنجيدگيءَ سان پنهنجو ڪردارا دا ڪري رهيو آهي، نيب ڪجهه ئي وقت ۾ عوام جو اعتماد حاصل ڪيو آهي ۽ نيب چيئرمين جي ويزن سان اداري ۾ استحڪام آيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بدعنواني جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان نيب ملتان جي انتظام هيٺ رٿيل خاص سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير ماضيءَ جي احتسابي عمل تي تنقيد ڪندي چيو ته پوئين دؤر ۾ ماڻهن کي فرمائشي طور تي جيلن ۾ اُماڻيو ويو پر ان جي شدت ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. هن تجويز ڏني ته نيب جي نوجوان آفيسرن کي هر ڇهين مهينن کانپوءِ پرڏيهه جديد تربيت لاءِ اُماڻيو وڃي. وفاقي وزير موجب سفارش، سڌارن واري عمل ۾ رڪاوٽ جو سبب آهي. سيمينار کي خطاب ڪندي شرڪت ڪندڙن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ادارن ۽ عوام کي گڏيل طور تي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

مزید خبریں