اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلاروس جي پارلياماني فرينڊشپ گروپ جو پهريون اجلاس ڪنوينر ايم اين اي نتاشاهه دولتانه جي صدارت هيٺ پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو. بيلاروس ۾ پاڪستان جي سفير محمد اعجاز (آن لائن) اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ڪنوينر پنهنجي خطاب ۾ شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪئي ۽ بيلاروس سان منظم ۽ مستقل رابطا برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن هڪ جامع ۽ …
پاڪستان ۽ بيلاروس جي پارلياماني فرينڊشپ گروپ جو پهريون بريفنگ سيشن، ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ مسلسل پارلياماني رابطن جي ضرورت کي اجاگر ڪيو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلاروس جي پارلياماني فرينڊشپ گروپ جو پهريون اجلاس ڪنوينر ايم اين اي نتاشاهه دولتانه جي صدارت هيٺ پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو. بيلاروس ۾ پاڪستان جي سفير محمد اعجاز (آن لائن) اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ڪنوينر پنهنجي خطاب ۾ شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪئي ۽ بيلاروس سان منظم ۽ مستقل رابطا برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن هڪ جامع ۽ مربوط انداز ذريعي ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ مسلسل پارلياماني رابطن جي ضرورت کي اجاگر ڪيو . سفير محمد اعجاز گروپ کي گذريل سال دوران پاڪستان – بيلاروس جي ٻه طرفن ناتن ۾ نمايان بهتري بابت بريفنگ ڏني جنهن ۾ سفارتي رابطن ۾ واڌ ۽ واپار، صنعت ۽ حڪومت کان حڪومت جي سطح تي سهڪار جي شعبن ۾ ٺوس اڳڀرائي شامل آهي. سفير پورهيتن جي چُرپُر، علائقائي رابطن جي چئلينجز ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ صنعتي ۽ فني سهڪار وڌائڻ وارن معاملن بابت ڌيان ڇِڪرايو. پارلياماني دوستي گروپ جي ميمبرن تعليم، تعليمي مٽاسٽا، اسڪالرشپس، ڪاروباري سطح تي رابطن، زراعت، مشينري ۽ سمارٽ ٽيڪنالاجيز ۾ سهڪار کي وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ميمبرن پاڪستان ۽ بيلاروس وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن کي مضبوط بنائڻ جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو. پنهنجي پڄاڻيءَ واري خطاب ۾ ڪنوينر مستقل فالو اپ، لاڳاپيل وزارتن سان بهتر هم آهنگي ۽ فعال پارلياماني سفارتڪاري ذريعي بيلاروس سان ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ گروپ جي پُختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اجلاس ۾ پاڪستان بيلاروس پارلياماني دوستي گروپ جي ميمبرن شرڪت ڪئي، جن ۾ محمد عثمان باديني، ڪرن عمران ڊار، علي جان مزار، عبدالعليم خان، نوابزاده مير جمال خان رئيساڻي، نويد عامر ۽ شمائله رانا شامل هئي.











