سنڌ زرعي يونيورسٽي عالمي سطح جي، يو آءِ گرين ميٽرڪ 2025ع جي درجابندي ۾ اعليٰ رينڪنگ حاصل ڪري ورتي

حيدرآباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام عالمي سطح تي هڪ ٻي اهم ڪاميابي حاصل ڪندي يو آءِ گرين ميٽرڪ ورلڊ يونيورسٽي رينڪنگز 2025ع ۾ نمايان جڳهه حاصل ڪري ورتي آهي. هي عالمي درجابندي دنيا جي يونيورسٽين کي ماحول دوست ڪيمپس، پائيدار ترقي، توانائي جي مؤثر استعمال، فضلي جو بهتر انتظام، پاڻي جي تحفظ، ماحوليات تي ٻڌل تحقيق، گرين ٽرانسپورٽ ۽ ڪيمپس گريننگ جهڙن شعبن ۾ ڪارڪردگي جي …

حيدرآباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام عالمي سطح تي هڪ ٻي اهم ڪاميابي حاصل ڪندي يو آءِ گرين ميٽرڪ ورلڊ يونيورسٽي رينڪنگز 2025ع ۾ نمايان جڳهه حاصل ڪري ورتي آهي. هي عالمي درجابندي دنيا جي يونيورسٽين کي ماحول دوست ڪيمپس، پائيدار ترقي، توانائي جي مؤثر استعمال، فضلي جو بهتر انتظام، پاڻي جي تحفظ، ماحوليات تي ٻڌل تحقيق، گرين ٽرانسپورٽ ۽ ڪيمپس گريننگ جهڙن شعبن ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي پرکيندي آهي، اھڙن طئي ڪيل معيارن تي پورو لهندي سنڌ زرعي يونيورسٽي نه رڳو پنهنجي عالمي سڃاڻپ ۾ اضافو ڪيو آهي پر سنڌ ۽ پاڪستان جي تعليمي وقار کي پڻ بلند ڪيو آهي. رينڪنگ موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي دنيا ۾ 877 هين، ايشيا ۾ 517 هين، پاڪستان جي 276 يونيورسٽين مان 46 هين ۽ سنڌ جي 81 يونيورسٽين مان 11 هون نمبر حاصل ڪيو آهي، جيڪو ماحول دوست پاليسين ۽ گرين ڪيمپس قدمن سبب هڪ فخر جوڳي ڪاميابي سمجهيو وڃي ٿو، وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال ھن اھم ڪاميابي تي مڪمل ٽيم، استادن، شاگردن، آفيسرن ۽ عملي کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي گذريل سالن ۾ توانائي جي بچت، پاڻي جي مؤثر استعمال، ماحول دوست انفراسٽرڪچر، ڪيمپس گريننگ، فضلي جو انتظام ۽ پائيدار تحقيق جهڙن ڪيترن ئي قدمن ذريعي عالمي معيار جي رستي تي اهم اڳڀرائي ڪئي آهي. هن چيو ته هي ڪاميابي يونيورسٽي جي انتظاميا، فيڪلٽي ۽ شاگردن جي گڏيل محنت ۽ ماحول دوست ڪوششن جو نتيجو آھي. هن يو آءِ گرين ميٽرڪ رينڪنگ ڪميٽي جي ٽيم جي اڻٿڪ محنت، درست ڊيٽا جي تياري ۽ سگھاري ڪوششن کي پڻ ساراهيو، جن سبب يونيورسٽي عالمي مقابلي ۾ نمايان طور تي اڀري رھي آهي.