بلديات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت ۾ ٽائون چيئرمينن جو اهم مشاورتي اجلاس

ڪراچي-10 ڊسمبر (اي پي پي) بلديات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ بلدياتي نظام جي مڪمل خودمختياري ۽ جديد مالي ماڊل تي منتقل ڪرڻ بنا شهري مسئلن جو مستقل حل ممڪن ناهي، تنهنڪري صوبائي حڪومت ٽائون ڪارپوريشنز کي بااختيار بڻائڻ لاءِ وڏي پيماني تي سڌارا ۽ عالمي ادارن سان تعاون کي نئين رخ تي آڻي رهي آهي. اهڙو اظهار هن سنڌ لوڪل ڪائونسل ايسوسيئيشن …

ڪراچي-10 ڊسمبر (اي پي پي) بلديات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ بلدياتي نظام جي مڪمل خودمختياري ۽ جديد مالي ماڊل تي منتقل ڪرڻ بنا شهري مسئلن جو مستقل حل ممڪن ناهي، تنهنڪري صوبائي حڪومت ٽائون ڪارپوريشنز کي بااختيار بڻائڻ لاءِ وڏي پيماني تي سڌارا ۽ عالمي ادارن سان تعاون کي نئين رخ تي آڻي رهي آهي. اهڙو اظهار هن سنڌ لوڪل ڪائونسل ايسوسيئيشن جي پليٽ فارم هيٺ سڄي صوبي مان ٽائون چيئرمينن جي اهم مشاورتي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي، پيپلز پارٽي ۽ ٻين پارٽين سان لاڳاپيل چيئرمينز وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا. اجلاس ڪيترن ئي سياسي ڌرين کي هڪ گڏيل فورم تي آڻي بلدياتي پاليسي سازي لاءِ نئون رستو هموار ڪيو. اجلاس ۾ عالمي بينڪ ۽ ڪلڪ جا نمائندا پڻ موجود هئا. جن واضح ڪيو ته نئين ڊجيٽل ٽيڪسيشن ماڊل تحت اهي ٽائون، جيڪي بهتر ريونيو رڪوري ڏيکاريندا، تن کي خاص انسينيٽو، فني مدد، اضافي فنڊنگ ۽ ترقياتي گرانٽون ڏنيون وينديون، ورلڊ بينڪ جي عملدارن ٻڌايو ته سنڌ جي شهري ٽائونز گذريل ڪجهه سالن ۾ اميدن کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، جنهن بعد نئون ريونيو فريم ورڪ، ڊجيٽل ڪليڪشن سسٽم ۽ مالي نظم و ضبط لاءِ نئون ميڪانيزم تيار ٿي رهيو آهي جنهن کي ايندڙ بلدياتي قانونسازي ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. اجلاس کي خطاب ۾ ناصر حسين شاهه چيو ته لوڪل ڪائونسل ايسوسيئيشن جو قيام وقت جي اهم ضرورت هئي ۽ اهي سڀ ٽائون، جيڪي اڃا شامل ناهن، انهن کي فوري طور تي شامل ٿيڻ گهرجي ته جيئن صوبائي سطح کان پاڙي جي سطح تائين اختيارن جي منتقلي جي عمل کي اڳتي وڌائي سگهجي. هن ٻڌايو ته پي ايف سي (صوبائي مالي ڪميشن) کي ٻيهر فعال ڪرڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي، جنهن سان وسيلن جي منصفاڻي ورهاست يقيني بڻجي سگهندي. هن چيو ته بلدياتي ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ اضافي لاءِ سمريون اڳ ئي موڪليون ويون آهن، جڏهن ته ڪائونسلرن جي وظيفن ۾ واڌ ۽ ٽائونز جي مالي خودمختياري لاءِ جديد ٽيڪس ماڊل لاڳو ڪيو پيو وڃي، جنهن سان گراس روٽ سطح تي بلدياتي ادارا مالي طور تي مضبوط ٿي سگهندا ۽ بغير پرڏيهي فنڊن جي پنهنجا ترقياتي منصوبا مڪمل ڪري سگهندا. اجلاس دوران ٽائون چيئرمينن بدليون، ساليڊ ويسٽ مينيجمينٽ، صفائي، ٽائون پلاننگ ۽ غير ترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي بابت به سفارشون پيش ڪيون. ورلڊ بينڪ ايندڙ سال جي بلدياتي ڊولپمينٽ پيڪيج ۾ انهن سفارشن کي شامل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. اجلاس ۾ ڪميل حيدر شاهه، گل محمد جکراڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ۽ چيو ته لوڪل ڪائونسل ايسوسيئيشن سنڌ ۾ بلدياتي نظام لاءِ اهم پاليسي فورم بڻجي مستقبل جي شهري حڪمراني جو واضح نقشو تيار ڪندي.