ڪراچي جي ميئر بيرسٽر مرتضيٰ وهاب جو واٽر ڪارپوريشن جي هيڊ آفيس ۽ مرڪزي ڪال سينٽر جو اوچتو دورو

ڪراچي-10 ڊسمبر (اي پي پي) ڪراچي جي ميئر ۽ چيئرمين ڪراچي واٽر ڪارپوريشن بيرسٽر مرتضيٰ وهاب واٽر ڪارپوريشن جي هيڊ آفيس ۽ مرڪزي ڪال سينٽر جو اوچتو دورو ڪيو، جتي هن شهرين جي شڪايتن جي ازالي، سروس ڊيلوري ۽ ڪال سينٽر جي مجموعي آپريشنز جو تفصيلي جائزو ورتو. ان موقعي تي ڪال سينٽر انتظاميا ميئر کي پاڻي جي فراهمي، سيوريج سسٽم، مين هول ڪورز ۽ ٻين شهري مسئلن بابت موصول …

ڪراچي-10 ڊسمبر (اي پي پي) ڪراچي جي ميئر ۽ چيئرمين ڪراچي واٽر ڪارپوريشن بيرسٽر مرتضيٰ وهاب واٽر ڪارپوريشن جي هيڊ آفيس ۽ مرڪزي ڪال سينٽر جو اوچتو دورو ڪيو، جتي هن شهرين جي شڪايتن جي ازالي، سروس ڊيلوري ۽ ڪال سينٽر جي مجموعي آپريشنز جو تفصيلي جائزو ورتو. ان موقعي تي ڪال سينٽر انتظاميا ميئر کي پاڻي جي فراهمي، سيوريج سسٽم، مين هول ڪورز ۽ ٻين شهري مسئلن بابت موصول ٿيل شڪايتن ۽ انهن جي تڪڙي حل بابت بريفنگ ڏني. دوري دوران ميئر ڪراچي مختلف شڪايت ڪندڙ شهرين سان ٽيليفون ذريعي سڌي طرح ڳالھه ٻولهه پڻ ڪئي ۽ پڇيو ته ڇا انهن جون شڪايتون مقرر وقت اندر حل ٿيون آهن يا نه. شهرين پنهنجي شڪايتن جو 24 ڪلاڪن اندر حل ٿيڻ تي ميئر ڪراچي جو شڪريو ادا ڪيو ۽ واٽر ڪارپوريشن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. ان موقعي تي ميئر ڪراچي چيو ته شهري، واٽر ڪارپوريشن سان لاڳاپيل هر قسم جي شڪايت خاص طور تي کليل مين هول ڪورز، پاڻي جي فراهمي ۾ رڪاوٽ يا سيوريج مسئلن لاءِ فوري طور هيلپ لائن 1334 تي رابطو ڪن. هن چيو واٽر ڪارپوريشن سمورين شڪايتن تي 24 ڪلاڪن اندر اثرائتي ڪارروائي کي يقيني بڻائي رهي آهي. ھن چيو ته واٽر ڪارپوريشن شهرين جي سهولت لاءِ مڪمل محنت، سنجيدگي ۽ ذميواري سان ڪم ڪري رهي آهي. گهڻيون شڪايتون فوري نوعيت جون هيون جن کي جلد حل ڪيو ويو. جڏهن ته ڪجهه وڏا مسئلا انفراسٽرڪچر سان لاڳاپيل هئا، جن جو مستقل حل جلد ڪيو ويندو. ھن ٻڌايو ته شهرين کي سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي ۽ شهر جي هر علائقي ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن. ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب ميئر ڪراچي کي شهر جي سمورن ضلعن مان موصول ٿيل شڪايتن جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وئي. رپورٽ مطابق ضلعي ملير ۾ موصول 701 مان 489 شڪايتون حل ڪيون ويون، جڏهن ته ضلعي ڪورنگي ۾ 4200 مان 2524 شڪايتون حل ڪيون ويون. ضلعي اوڀر ۾ 7939 مان 7177 شڪايتن تي وقت سر عمل ڪيو ويو. ڏکڻ ضلعي ۾ موصول 1378 مان 1213 شڪايتن تي ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي، جڏهن ته ضلعي اولهه ۾ 2170 مان 807 شڪايتون حل ڪيون ويون. ساڳئي ريت ضلعي ڪياماڙي ۾ 982 مان 812 شڪايتون حل ڪيون ويون. رپورٽ موجب ضلعي سينٽرل ۾ سڀ کان وڌيڪ 10927 شڪايتون موصول ٿيون، جن مان 8038 شڪايتون حل ڪيون ويون. ترجمان ٻڌايو ته شهر مان مجموعي طور 27912 شڪايتون وصول ٿيون، جن مان 21060 شڪايتون 24 ڪلاڪن اندر حل ڪيون ويون آهن. ترجمان مطابق واٽر ڪارپوريشن 75 سيڪڙو کان وڌيڪ شڪايتن تي وقت سر عمل ڪندي شهرين کي فوري رليف فراهم ڪيو آهي.