لاڙڪاڻو-10 ڊسمبر (اي پي پي) عورتن کي سرڪاري ادارن ۾ هراسمينٽ کان بچائڻ لاءِ آگاهي ڏيڻ ضروري آهي، ته جيئن هو پنهنجي حقن ۽ ذميوارين کان مڪمل طور واقف ٿي سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار ڪنسلٽنٽ رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ۽ صوبائي محتسب سنڌ لاڙڪاڻو، سيد شڪيل حيدر پنهنجي آفيس ۾ هراسمينٽ بابت آگاهي ڏيڻ جي سلسلي ۾ ڪوٺايل هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته سال 2010ع …
عورتن کي سرڪاري ادارن ۾ هراسمينٽ کان بچائڻ لاءِ آگاهي ڏيڻ ضروري آهي: سيد شڪيل حيدر
لاڙڪاڻو-10 ڊسمبر (اي پي پي) عورتن کي سرڪاري ادارن ۾ هراسمينٽ کان بچائڻ لاءِ آگاهي ڏيڻ ضروري آهي، ته جيئن هو پنهنجي حقن ۽ ذميوارين کان مڪمل طور واقف ٿي سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار ڪنسلٽنٽ رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ۽ صوبائي محتسب سنڌ لاڙڪاڻو، سيد شڪيل حيدر پنهنجي آفيس ۾ هراسمينٽ بابت آگاهي ڏيڻ جي سلسلي ۾ ڪوٺايل هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته سال 2010ع جي ايڪٽ نمبر 04 تحت عورتن کي هراسان ڪرڻ خلاف قانون موجود آهي ۽ ان تي عمل ڪرائڻ لاءِ هر شهري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته ڄاڻ حاصل ڪرڻ بنا قانون تي عمل ممڪن ناهي، تنهن ڪري سڀني کي هراسمينٽ بابت آگاهي ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي. هن والدين ۽ اولاد وچ ۾ رابطي کي به لازمي قرار ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ٻارن کي ڪو هراسان ڪري ٿو ته هو والدين کي ضرور آگاهه ڪن. صوبائي محتسب وڌيڪ چيو ته علم وڏي دولت آهي، علم ۽ آگاهي ذريعي ئي معاشري ۾ وڌندڙ مايوسي کي روڪي سگهجي ٿو. ڏوهن جي روڪٿام لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏيندي هن چيو ته قانون موجب شاهدين جي وڏي اهميت آهي جنهن سان حقيقتن تائين پهچڻ ۾ مدد ملي ٿي. پروگرام ۾ سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن کي هراسان ٿيڻ کان بچاءَ بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني وئي، جڏهن ته انفارميشن آفيسر لاڙڪاڻو معراج احمد سامٽيو ۽ انفارميشن آفيسر لاڙڪاڻو محمد اسلم کوکر آفيس جو دورو ڪيو، جتي کين صوبائي محتسب جي ريجنل آفيس جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي.












