اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ چيو آهي ته گرمي جي موسم دوران ٻوڏ باوجود پاڪستان جي معيشت اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان ايشيئن ڊولپمينٽ آئوٽ لُڪ نالي جاري رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته هلندڙ سال جون ۾ ٻوڏ سبب پيش ايندڙ ڏُکيائين ۽ چئلينجز باوجود مالي سال 2025ع جي آخري ٽه ماهيءَ ۾ پاڪستان جي …
ٻوڏ باوجود پاڪستان جي معيشت اهم ترقي ڪئي آهي: ايشيائي ترقياتي بئنڪ

مزید خبریں
اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ چيو آهي ته گرمي جي موسم دوران ٻوڏ باوجود پاڪستان جي معيشت اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان ايشيئن ڊولپمينٽ آئوٽ لُڪ نالي جاري رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته هلندڙ سال جون ۾ ٻوڏ سبب پيش ايندڙ ڏُکيائين ۽ چئلينجز باوجود مالي سال 2025ع جي آخري ٽه ماهيءَ ۾ پاڪستان جي معيشت 5.7 سيڪڙو جي شرح سان اؤسر ڪئي، مالي سال 2026ع جي شروعاتي مهينن ۾ ملڪ ۾ وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ نمايان واڌ ڏسڻ ۾ آئي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته مالي سال 2026ع جي شروعاتي 4 مهينن ۾ عمومي مهانگائيءَ جي شرح 4.7 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا گذريل مالي سال جي ساڳئي مُدي ۾ 8.7 سيڪڙو هئي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته گرمين جي موسم ۾ ٻوڏ کان پوءِ ضروري شين جي قيمتن ۾ واڌ جو عمومي رجحان ڏسڻ ۾ آيو هو، جڏهن ته هاڻ قيمتن ۾ ترتيبوار استحڪام اچي رهيو آهي ۽ مُک شين جون قيمتون مستحڪم ٿي رهيون آهن.











