وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي فلسطين لاءِ 100 ٽن امدادي سامان جي کيپ رواني

لاهور-10 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي فلسطيني ڀيڻن ۽ ڀائرن لاءِ 100 ٽن امدادي سامان جي کيپ خاص اُڏام ذريعي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان رواني ڪئي وئي. امدادي سامان جي روانگي وزيراعظم جي خاص مددگار طلحه برڪي پنهنجي قيادت ۾ اين ڊي ايم اي جي انتظام هيٺ مڪمل ڪرائي. سامان ۾ دوائون، خيما، ڪمبل ۽ پاڻيءَ جا ڪين شامل آهن. سندس موجب پاڪستان …

لاهور-10 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي فلسطيني ڀيڻن ۽ ڀائرن لاءِ 100 ٽن امدادي سامان جي کيپ خاص اُڏام ذريعي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان رواني ڪئي وئي. امدادي سامان جي روانگي وزيراعظم جي خاص مددگار طلحه برڪي پنهنجي قيادت ۾ اين ڊي ايم اي جي انتظام هيٺ مڪمل ڪرائي. سامان ۾ دوائون، خيما، ڪمبل ۽ پاڻيءَ جا ڪين شامل آهن. سندس موجب پاڪستان هاڻ تائين غزه لاءِ مجموعي طور تي 26 امدادي کيپون روانو ڪري چڪو آهي، جڏهن ته فلسطيني عوام جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي 2527 ٽن امدادي سامان موڪليو ويو آهي. هن چيو ته مسلسل امدادي ڪوششون پاڪستان جي پُختي عزم ۽ عالمي ۽ ملڪي فلاحي ادارن سان مضبوط سهڪار جو مظهر آهي. خاص مددگار سمورن فلاحي ادارن خاص ڪري الخدمت فائونڊيشن جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته هنن ان نيڪ مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن فلسطين ۾ پائيدار امن، بهادر فلسطيني عوام جي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ دُعا ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته اها امدادي اُڏام مصر رستي خيريت سان پنهنجي مستحقن تائين پهچندي.

مزید خبریں