اسلام آباد - 10 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ اتحاد ۽ يڪجهتي ۽ دهشتگردي جي خاتمي کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته ان کانسواءِ معاشي بحالي جو خواب تعبير نٿو ٿي سگهي، پاڪ فوج جي خلاف پروپئگنڊه ناقابل برداشت آهي، شهيدن جي قربانين جي توهين نه ڪرڻ ڏينداسين، عسڪري ۽ سياسي قيادت گڏجي ڪم ڪيو ۽ ڏيوالپڻي جي ويجهو پهتل …
وزيراعظم پاران ملڪي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ اتحاد ۽ يڪجهتي ۽ دهشتگردي جو خاتمو لازمي قرار

مزید خبریں
اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ اتحاد ۽ يڪجهتي ۽ دهشتگردي جي خاتمي کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته ان کانسواءِ معاشي بحالي جو خواب تعبير نٿو ٿي سگهي، پاڪ فوج جي خلاف پروپئگنڊه ناقابل برداشت آهي، شهيدن جي قربانين جي توهين نه ڪرڻ ڏينداسين، عسڪري ۽ سياسي قيادت گڏجي ڪم ڪيو ۽ ڏيوالپڻي جي ويجهو پهتل معيشت ٻيهر پٽڙي تي آئي. هو قومي علماءِ ڪنوينشن کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سميت وفاقي وزير، اعليٰ سرڪاري عملدارن کانسواءِ عالمن جو وڏو انگ موجود هو. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ جي وڏي فضل ۽ ڪرم ۽ عالمن ۽ قوم جي دعائن جي ڪري معرڪه حق ۾ پاڪستان کي وڏي ڪاميابي ملي، هٿياربند فوج جي جرئت ۽ بهادري سان دشمن کي عبرتناڪ شڪست ٿي، چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪ فوج جرئت ۽ بهادري سان دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو، ان ڪاميابي ۾ هٿياربند، سامونڊي ۽ فضائيه سميت سموري فوج جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم فرقي پرستي جي خاتمي کي وقت جي ضرورت قرار ڏيندي چيو ته عالمن کي تفرقه بازي جو خاتمو ڪرڻو پوندو، ملڪي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ اتحاد ۽ يڪجهتي لازمي آهي، ان کانسواءِ ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ روزانو بيگناهه عوام فتنه الخوارج جي دهشتگردي جو نشانو بڻجي رهيا آهن، سيڪيورٽي فورسز جا جوان ملڪي دفاع جي لاءِ بي پناهه قربانيون ڏئي رهيا آهن. هن شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته انهن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، انهن شهيدن جي گهرڀاتين سان جڏهن اسان ملون ٿا ته اهي پنهنجي شهيدن تي فخر ڪن ٿا ۽ انهن جا چهري اطمينان سان لبريز هوندا آهن، اسان پنهنجي شهيدن جي توهين جي اجازت نه ڏينداسين. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ملڪ معاشي استحڪام ۽ ترقي طرف تيزي سان گامزن آهي، عسڪري ۽ سياسي قيادت گڏجي ڪم ڪري ڊيفالٽ جي ويجهو بيٺل معيشت کي ٻيهر پٽڙي تي آندو، معرڪه حق کانپوءِ پاڪستان تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي، حڪومت ملڪ کي معاشي ترقي جي سفر تي جاري رکڻ جي لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪيو آهي، محنت سان پاڪستان کي اهو مقام ڏيارينداسين جو قرضن مان ڇوٽڪارو ملندو ۽ پاڻڀرائپ جي منزل حاصل ٿيندي. هن ملڪي ترقي جي لاءِ دهشتگردي جي خاتمي کي لازمي قرار ڏيندي چيو ته دهشتگردي جي خاتمي کانسواءِ معاشي بحالي جي سفر تي گامزن نه ٿو ٿي سگهجي. وزيراعظم تحريڪ پاڪستان جي جدوجهد ۾ عالمن جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان جو بنياد ڪلمه طيبه تي رکيو ويو، اسان جي بزرگن قربانيون ڏئي ملڪ کي آزادي ڏياري، امانت، ديانت ۽ محنت سان پاڪستان قائم ڪرڻ جو مقصد حاصل ڪرڻو هو، پاڪستان جي لاءِ گهر ڇڏي ايندڙن کي هن ملڪ جو عظيم ترين بڻجڻ جي اميد هئي. هن چيو ته ڏينهن رات محنت سان ترقي ۽ خوشحالي ممڪن آهي، دنيا ۾ مقام حاصل ڪندڙ قومن محنت کي پنهنجو شعار بڻايو. وزيراعظم چيو ته پائي پائي بچائي ملڪ جي معاشي تقدير بدلائينداسين ۽ ان کي قائداعظم ۽ علامه اقبال جي خوابن جي تعبير بڻائينداسين. هن قومي معاملن ۾ گڏ ٿيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پوري دنيا معرڪه حق ۾ پاڪستان جي ڪاميابي جي معترف آهي، دشمن حيرت ۾ آهي ۽ ڀائر ملڪ تمام گهڻو خوش آهن، دوست ملڪن معرڪه حق ۾ فتح کي پنهنجي فح سمجهي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم پاڪ فوج جي خلاف پروپئگنڊه کي ناقابل برداشت قرار ڏيندي چيو ته اها عالمن ۽ اسان سڀني جي ذميواري آهي ته پنهنجي ان فوج جو دفاع ڪريون جنهن اسان جي دفاع جي لاءِ پنهنجي رت سان تاريخ لکي ۽ اسان جي ازلي دشمن کي اهڙي شڪست ڏني جنهن کي هو قيامت تائين نه وساريندو.











