نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانيا جي عالمي ترقي واري مملڪتي وزير بيرونس جيني چيپ مين جي ملاقات

اسلام آباد - 10 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانيا جي عالمي ترقي واري مملڪتي وزير بيرونس جيني چيپ مين ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ڌرين گڏيل دلچسپي جي اهم شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي اهم ڪردار جو ذڪر ڪيو جيڪا ٻنهي ملڪن جي …

اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانيا جي عالمي ترقي واري مملڪتي وزير بيرونس جيني چيپ مين ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ڌرين گڏيل دلچسپي جي اهم شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي اهم ڪردار جو ذڪر ڪيو جيڪا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ اهم پُل جي طور تي ڪم ڪري رهي آهي. هن غزه بابت جاري عالمي امن ڪوششن سميت علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

مزید خبریں