وزيراعظم پاران سوار محمد حسين شهيد (نشان حيدر) کي شهادت جي 54هين ڏهاڙي تي خراج تحسين پيش

اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مُلڪ جو دفاع ڪندي شهادت ماڻيندڙ سوار محمد حسين شهيد سميت سڀني شهيدن کي قومي تاريخ جي مٿي جا موڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته سوار محمد حسين شهيد جهڙن ڌرتيءَ جي پٽن سان ئي پاڪستان جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو آهي. اربع ڏينهن سوار محمد حسين شهيد (نشان حيدر) کي شهادت جي 54هين ڏهاڙي تي خراج تحسين پيش …

اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مُلڪ جو دفاع ڪندي شهادت ماڻيندڙ سوار محمد حسين شهيد سميت سڀني شهيدن کي قومي تاريخ جي مٿي جا موڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته سوار محمد حسين شهيد جهڙن ڌرتيءَ جي پٽن سان ئي پاڪستان جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو آهي. اربع ڏينهن سوار محمد حسين شهيد (نشان حيدر) کي شهادت جي 54هين ڏهاڙي تي خراج تحسين پيش ڪندي وزيراعظم چيو ته سوار محمد حسين شهيد ڌرتيءَ جو بهادر سپُوت هو جنهن کي 1971ع ۾ مُلڪ جي تحفظ لاءِ بيمثال جرئت ۽ بهادري کيس امر ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته سوار محمد حسين شهيد جهڙن ڌرتيءَ جي پٽن جي ڪري ئي پاڪستان جو دفاع صرف فتح نه ٿيڻ جوڳو آهي. 1971ع ۾ ظفروال، شڪر ڳڙهه سيڪٽر ۾ سوار محمد حسين شهيد جرئت، دليري ۽ بهادري جو مثال قائم ڪري پوري قوم جو ڳاٽ سدائين لاءِ فخر سان اونچو ڪري ڇڏيو. هن چيو بزدل دشمن جي وار کي پنهنجي بي مثال جرئت ۽ حڪمت عملي سان ناڪام بڻائي سوار محمد شهيد رُخ موڙي ڇڏيو ۽ نئين جنگي تاريخ لکي ڇڏي.

مزید خبریں