قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران سوار محمد حسين شهيد (نشان حيدر) کي 54 هين يوم شهادت تي خراج عقيدت پيش

اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سوار محمد حسين شهيد (نشان حيدر) کي 54 هين يوم شهادت تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته قوم جي ان بهادر سپوت جي عظيم قرباني کي سلام پيش ڪيون ٿا. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته سوار محمد حسين شهيد جي شجاعت پاڪستان جي ڳسڪري تاريخ جو روشن باب آهي. سوار محمد حسين شهيد 1971ع …

اسلام آباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سوار محمد حسين شهيد (نشان حيدر) کي 54 هين يوم شهادت تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته قوم جي ان بهادر سپوت جي عظيم قرباني کي سلام پيش ڪيون ٿا. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته سوار محمد حسين شهيد جي شجاعت پاڪستان جي ڳسڪري تاريخ جو روشن باب آهي. سوار محمد حسين شهيد 1971ع جي جنگ ۾ شجاعت ۽ بهادري جو عظيم مثال قائم ڪيو. هن ظفروال، شڪر ڳڙهه سيڪٽر ۾ دشمن کي تمام گهڻو نقصان پهچايو. هن چيو ته سوار محمد حسين شهيد جي نشاندهي سان دشمن جون 100 ٽينڪون تباهه ڪيون ويون. ان محاذ تي 5 ڏينهن تائين دليري سان وڙهندڙ سوار محمد حسين 22 ورهين جي عمر ۾ شهادت ماڻي. قوم پنهنجي بهادر هيرو سوار محمد حسين شهيد جي قربانين کي هميشه ياد رکندي. اسپيڪر اياز صادق سوار محمد حسين شهيد(نشان حيدر) جي درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي.

مزید خبریں