وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران پاڪ فوج جي دلير سپوت سوار محمد حسين شهيد کي خراج عقيدت پيش

اسلام آباد-10 ڊسمبر(اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي يوم شهادت تي پاڪ فوج جي دلير سپوت سوار محمد حسين شهيد کي سلام پيش ڪيو ۽ کيس خراج عقيدت پيش ڪيو. پنهنجي بيان ۾ محسن نقوي چيو ته شڪرڳڙهه جي محاذ تي جرئت جي نئين تاريخ رقم ڪندڙ بهادر سپاهي کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا. محسن نقوي سوار محمد حسين شهيد(نشان حيدر) جي خدمتن کي ساراهيندي …

اسلام آباد-10 ڊسمبر(اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي يوم شهادت تي پاڪ فوج جي دلير سپوت سوار محمد حسين شهيد کي سلام پيش ڪيو ۽ کيس خراج عقيدت پيش ڪيو. پنهنجي بيان ۾ محسن نقوي چيو ته شڪرڳڙهه جي محاذ تي جرئت جي نئين تاريخ رقم ڪندڙ بهادر سپاهي کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا. محسن نقوي سوار محمد حسين شهيد(نشان حيدر) جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته سوار محمد حسين شهيد فولادي عزم سان دشمن جو مقابلو ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته سوار محمد حسين گولا باري ۽ گولين جي مينهن باوجود دشمن جي ڳجهن هنڌن جي نشاندهي ڪندو رهيو. سوار محمد حسين جان جي پرواهه ڪرڻ بن دشمن جي ٺڪاڻن بابت فيصلاتي معلومات فراهم ڪئي. محسن نقوي چيو ته سوار محمد حسين شهيد جي درست نشاندهي پاڪستاني فوج جي پيش قدمي کي بهتر بڻايو. گهرو وزير شهيد جي قرباني کي خراج پيش ڪندي چيو ته سوار محمد حسين آخري دم تائين دشمن جي گن پوزيشن ٻڌائيندي شهيد ٿيو. محسن نقوي چيو ته سوار محمد حسين جي شهادت پاڪ فوج جي هر جوان لاءِ ثابت قدمي ۽ شجاعت جو روشن حوالو بڻجي وئي آهي. هن زور ڀريو ته سوار محمد حسين جي شهادت پاڪستان لاءِ پيغام آهي ته اسان جو هر سپاهي وطن تي جان قربان ڪرڻ کي اعزاز سمجهي ٿو.

مزید خبریں