حيدرآباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) حيدرآباد جي نسيم نگر ٿاڻي جي حد واري علائقي ۾ گذريل رات جو دير سان سي اين جي اسٽيشن تي گيس ڀرائڻ دوران هڪ مسافر وين جو گيس سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ وين ۾ باهه لڳي وئي جنهن سبب 8 مسافر سڙي زخمي ٿي پيا. سڙي زخمي ٿيل مسافرن کي طبي امداد لاءِ اڳ ۾ تعلقه اسپتال قاسم آباد منتقل ڪيو …
حيدرآباد ۾ نسيم نگر ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ۾ باهه، 8 مسافر سڙي زخمي
حيدرآباد-10 ڊسمبر (اي پي پي) حيدرآباد جي نسيم نگر ٿاڻي جي حد واري علائقي ۾ گذريل رات جو دير سان سي اين جي اسٽيشن تي گيس ڀرائڻ دوران هڪ مسافر وين جو گيس سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ وين ۾ باهه لڳي وئي جنهن سبب 8 مسافر سڙي زخمي ٿي پيا. سڙي زخمي ٿيل مسافرن کي طبي امداد لاءِ اڳ ۾ تعلقه اسپتال قاسم آباد منتقل ڪيو ويو جنهن کان پوءِ انهن کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. حادثي کان پوءِ وين ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو. اطلاع ملڻ تي ريسڪيو 1122 جي ٽيم واقعي واري هنڌ تي پهچي باه کي وسايو. باه لڳڻ سبب وين مڪمل طور تي سڙي وئي. ذريعن موجب پوليس وين جي مالڪ کي گرفتار ڪري ورتو آهي، حادثي وقت وين ۾ 10 کان 12 مسافر سوار هئا.












