اسلام آباد - 10 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سرڪاري ادارن، سول سوسائٽي، ميڊيا، غيرسرڪاري تنظيمن ۽ شهرين تي زور ڏنو آهي ته اهي ملڪ ۾ انساني حقن جي تحفظ ۽ فروغ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، پاڪستان جو آئين هر شهري کي ذات، نسل، مذهب يا رنگ جي فرق کانسواءِ آزادي جي ضمانت ڏي ٿو، پاڪستان حڪومت انساني حقن جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ پرعزم …
سرڪاري ادارا، سول سوسائٽي، ميڊيا، غيرسرڪاري تنظيمون ۽ شهري ملڪ ۾ انساني حقن جي تحفظ ۽ فروغ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سرڪاري ادارن، سول سوسائٽي، ميڊيا، غيرسرڪاري تنظيمن ۽ شهرين تي زور ڏنو آهي ته اهي ملڪ ۾ انساني حقن جي تحفظ ۽ فروغ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، پاڪستان جو آئين هر شهري کي ذات، نسل، مذهب يا رنگ جي فرق کانسواءِ آزادي جي ضمانت ڏي ٿو، پاڪستان حڪومت انساني حقن جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ سمورن شهرين جي آزادي، وقار ۽ خودمختياري جي تحفظ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکيون آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسان ان ضرورت کي تسليم ڪريون ٿا ته ڪمزور ۽ پٺتي پيل طبقن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ۽ انهن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ قانوني، معاشي ۽ سماجي ڍانچي کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان هر ماڻهو جي عزت، برابري ۽ انصاف جي تحفظ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا، ڀلي ان جو تعلق ڪنهن به نسل، مذهب، جنس، زبان يا سماجي حيثيت سان هجي. صدر چيو ته هي ڏينهن اسان کي ان عزم جي ياد ڏياري ٿو ته اسان سڀ انساني حقن جي فروغ ۽ تحفظ جي لاءِ ڪوششون جاري رکون، اسان جو مذهب انساني وقار، ٻين جي احترام ۽ سمورن انسانن جي آزادي ۽ برابري کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته اسان جو عزم اسان جي عمل ۾ ڏسڻ ۾ اچي، اسان کي احترام، برداشت ۽ گڏيل وقار جو هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻو پوندو جتي هر ماڻهو پاڻ کي محفوظ ۽ بااختيار محسوس ڪري. صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان کي پنهنجي ماڻهن خاص طور تي عورتن، ٻارن، اقليتن ۽ خصوصي ماڻهن کي قومي زندگي ۾ ڀرپور شرڪت جي قابل بڻائڻو پوندو، اسان کي سول سوسائٽي، انساني حقن جي علمبردارن، قومي ادارن ۽ عالمي حصيدارن سان گڏجي پنهنجي گڏيل قدرن جو تحفظ ڪرڻو پوندو. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان کي هڪ اهڙي رياست جي طور تي تصور ڪيو هو جتي هر مذهب ۽ پس منظر سان تعلق رکندڙ ماڻهو هم آهنگي ۽ وقار سان رهي سگهن، ان ويزن جو احترام ڪرڻ ۽ هڪ وڌيڪ جامع معاشرو جوڙڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي. صدر سرڪاري ادارن، سول سوسائٽي، ميڊيا، غيرسرڪاري تنظيمن ۽ شهرين کي اپيل ڪئي ته اهي ملڪ ۾ انساني حقن جي تحفظ ۽ فروغ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن گڏيل قومن کي پڻ ان ڏينهن کي عالمي سطح تي ملهائڻ تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اچو اڄ اسان انساني حقن جي عالمي ڏينهن تي ان وچن جو ورجاءُ ڪريون ته اسان انساني وقار جو دفاع ڪنداسين، برابري کي فروغ ڏينداسين ۽ هڪ اهڙو پاڪستان ٺاهينداسين جتي هر شهري خوف، ڏاڍ ۽ فرق کان آزاد زندگي گذاري سگهي. صدر دعا ڪئي ته هي ڏينهن اسان کي بطور قوم ۽ بطور عالمي برادري ان ڳالهه طرف راغب ڪري ته اسان سدائين انساني حقن جي بالادستي کي برقرار رکون. هن چيو ته الله تعاليٰ اسان کي ڪمزور ۽ پٺتي پيل طبقن جي تحفظ جي ڪوششن ۾ ڪاميابي عطا فرمائي.











