صدر آصف علي زرداري سان جبوتي جي لاءِ نامزد سفير اقصيٰ نواز جي ملاقات

اسلام آباد - 09 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان جبوتي جي لاءِ نامزد سفير اقصيٰ نواز ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر نامزد سفير کي نئين ذميواري تي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي صدر چيو ته جبوتي پاڪستان جي آفريقا پاليسي جو اهم حصو آهي. صدر آصف علي زرداري جبوتي سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي …

اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان جبوتي جي لاءِ نامزد سفير اقصيٰ نواز ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر نامزد سفير کي نئين ذميواري تي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي صدر چيو ته جبوتي پاڪستان جي آفريقا پاليسي جو اهم حصو آهي. صدر آصف علي زرداري جبوتي سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان 2022ع ۾ جبوتي ۾ مشن کولي پنهنجي ڊگهي مدي واري وابستگي جو ثبوت ڏنو. صدر آصف علي زرداري جبوتي سان زراعت، تعليم، سياحت ۽ واپار ۾ تعاون وڌائڻ جي هدايت ڪئي. صدر جبوتي سان گڏيل ايمان، ثقافتي رابطن تي زور ڏيندي ٻطرفا لاڳاپا گهرا ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان ۽ جبوتي جي وچ ۾ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي ۾ بهتر رابطي ڪاري خوش آئنده آهي.

مزید خبریں