چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي انڊونيشيا جي صدر سان ملاقات، گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ ٻه طرفي دفاعي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ

راولپنڊي-09 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير اسلام آباد ۾ انڊونيشيا جي صدر پرابووسو بيانتو سان ملاقات ڪئي. پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سيڪيورٽي صورتحال ۽ ٻه طرفي دفاعي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌُرين ڀائر ملڪن جي هٿياربند فوج وچ ۾ موجود …

راولپنڊي-09 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير اسلام آباد ۾ انڊونيشيا جي صدر پرابووسو بيانتو سان ملاقات ڪئي. پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سيڪيورٽي صورتحال ۽ ٻه طرفي دفاعي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌُرين ڀائر ملڪن جي هٿياربند فوج وچ ۾ موجود دوستاڻن ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. معزز مهمان پاڪ فوج جي پيشيوراڻي صلاحيت کي ساراهيو ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ ۾ پاڪستان جي ڪردار جو اعتراف ڪيو. آرمي چيف ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان انڊونيشيا سان پُراڻن ناتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، تربيت، دهشتگرديءَ جي روڪٿام ۽ صلاحيتن ۾ واڌ جي شعبن ۾ دفاعي سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جا خواهشمند آهي.

مزید خبریں