اسلام آباد-09 ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) گردشي قرضن جي انتظام ۽ بندوبست جي منصوبن جي سلسلي ۾ پاور ڊويزن کي فنانس ڊويزن سان گڏجي وچ مدي وارا منصوبا تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، اجلاس ۾ پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين ۽ پيٽروليم ڊيلرز جي مارجنز جي ترميم جي تجويز جي منظوري به ڏئي ڇڏي آهي. اي سي …
اي سي سي جي گردشي قرضن جي انتظام ۽ بندوبست جي منصوبن جي سلسلي ۾ پاور ڊويزن کي فنانس ڊويزن سان گڏجي وچ مدي وارا منصوبا تيار ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد-09 ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) گردشي قرضن جي انتظام ۽ بندوبست جي منصوبن جي سلسلي ۾ پاور ڊويزن کي فنانس ڊويزن سان گڏجي وچ مدي وارا منصوبا تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، اجلاس ۾ پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين ۽ پيٽروليم ڊيلرز جي مارجنز جي ترميم جي تجويز جي منظوري به ڏئي ڇڏي آهي. اي سي سي جو اجلاس وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ پاور ڊويزن طرفان پيش ڪيل مالي سال 26-2025ع بابت گردشي قرض مئنجمينٽ پلان جو جائزو ورتو ويو جنهن جو مقصد بجلي جي شعبي ۾ مالي پائيداري ۽ ڪارڪردگيءَ کي بهتر بنائڻ هو. اي سي سي پاور ڊويزن کي فنانس ڊويزن سان گڏجي وچ مُدي وارا منصوبا تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن سرڪاري مالي معاونت ترتيبوار گهٽ ڪري سگهجي. ڪميٽي پاور ڊويزن کي ڊسڪوز سان فالو اپ طريقيڪار قائم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي ته جيئن حڪومت مقرر ڪيل هدفن جي وقت سر تڪميل يقيني بڻائي سگهي. اجلاس ۾ واپار واري وزارت جي سمريءَ تي گاڏين جي روانگي واپار جي طريقيڪار ۾ ترميمن جي منظوري ڏني وئي جنهن تحت صرف ٽرانسفر آف ريزيڊنس ۽ گفٽ اسڪيمون برقرار رکيون وينديون. نئين فريم ورڪ تحت انهن اسڪيمن تي ڪمرشل آمدني واپار حفاظتي ۽ ماحولياتي معيار لاڳو هوندا، آمدني واپار وارو وقفو ٻن مان وڌائي 3 سال ڪيو ويو آهي ۽ ٻاهران گهرايل گاڏيون هڪ سال تائين ناقابل استعمال رهنديون. اجلاس ۾ پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيون پيٽروليم ڊيلرز جي مارجنز ۾ ترميم جي تجويز جو به جائزو ورتو ويو ۽ ان جي منظوري ڏني وئي، مارجنز کي 24-2023ع ۽ 25-2024ع جي قومي ڪنزيومر پرائس انڊيڪس موجب ايڊجسٽ ڪيو ويندو جڏهن ته واڌ 5 کان وٺي 10 سيڪڙو جي حد ۾ رکيو ويندو. اهو به فيصلو ڪيو ويو ته مارجنز ۾ واڌ جو اڌ حصو فوري ادا ڪيو ويندو جڏهن ته باقي اڌ حصو ڊجيٽلائزيشن جي اڳڀرائيءَ سان مشروط هوندو ۽ پيٽروليم ڊويزن پهرين جون 2026ع تائين رپورٽ پيش ڪندي. اجلاس ۾ ڪلورو فارم جي آمدني واپار تي پابندين بابت سمري جي به منظوري ڏني وئي. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته هي زهريلو ۽ ڪينسر پيدا ڪندڙ مادو آهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٽراءِ ڪلورو ميٿين (ڪلورو فارم) ڊريپ جي اين او سي سان صرف دواساز ڪمپنين ذريعي ئي گُهرائي سگهبو. اجلاس ۾ ميسرز غني گلاس طرفان آر ايل اين جي، جي رعايت ٽيرف لاءِ ڏنل درخواست جو جائزو ورتو ويو ۽ قرار ڏنو ته اها درخواست قبولڻ جوڳي ناهي ڇاڪاڻ ته اهڙي سبسڊيز هاڻي اجازت جوڳيون ناهن رهيون ۽ روانگي واپار لاءِ وسيع تر معاونتي قدم پهرين ئي جاري آهن. اجلاس ۾ پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽيءَ لاءِ 1.28 ارب رپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏني وئي ته جيئن سرڪاري کاتن ۾ ڊجيٽل تبديلي ۽ فني جدت کي هٿي ڏئي سگهجي. اجلاس ۾ گهرو وزارت ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊويزن جي سمري تي مالي سال 2026ع جي ترقياتي خرچن لاءِ فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ جاري مالي سال لاءِ هائوسنگ اينڊ ورڪس ڊويزن کي 5 ارب رپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري پڻ ڏني وئي. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي سمري تي اي سي سي پاسڪو کي ختم ڪرڻ ۽ ان جي باقي ذميدارين جي فيصلي لاءِ خاص ڪمپني بنائڻ جي منظوري ڏني. ڪميٽي ڪمپني جي قيام، انتظامي ۽ مالي ڍانچي، گهربل ريگيوليٽري ڇوٽ، ابتدائي سبسڪرائبرز ۽ عارضي انتظاميه جي مقرري جي منظوري ڏني. ڪمپني پنهنجو مينڊيٽ پورو ڪرڻ کان پوءِ ختم (تحليل) ڪئي وئي ويندي. اجلاس ۾ پي آءِ اي هولڊنگ ڪمپني لميٽيڊ لاءِ رکيل رقم جاري ڪرڻ جي اصولي منظوري پڻ ڏني وئي ته جيئن پي آءِ اي سي ايل جي ملازمن جي پينشن ۽ طبي خرچ پورا ڪري سگهجن. اجلاس ۾ پيٽروليم وارو وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، توانائيءَ وارو وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ۽ لاڳاپيل وزارتن، ڊويزنن ۽ ريگيوليٽري ادارن جي وفاقي سيڪريٽرين ۽ سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.











